ڏهرڪي(ن پ ا) ڏهرڪي ۾ گهر اندر ٽڪ ٽاڪ ٺاهيندي ڇهين ڪلاس ڪلاس جي شاگردياڻي پسٽل جو فائر لڳڻ سبب موقعي تي فوت ٿي ويو، ڏهرڪي جي صديق ڪالوني ۾ گهر اندر ٽڪ ٽاڪ ٺاهيندڙ 15 سالن جي ڇهين  ڪلاس جي شاگردياڻي انيس بيبي ولد رياض احمد ڪمبوه  پسٽل جو فائر لڳڻ سبب موقعي تي فوت ٿي ويئي نينگري جو لاش ڏهرڪي اسپتال آندو ويو پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي نينگري جو لاش گهر اندر پهڇڻ تي ڪهرام مڇي ويو ,پوليس واقعي واري هنڌ پهچي واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي، پوليس جو چوڻ آھي نينگري جا وارث اهو ٻڌائي رهيا آھن ته نينگري گهر اندر کيڏي رهي هئي ته پسٽل جو فائر ڇٽڻ سبب فوت ٿي آھي.