ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه جي مڙس کي خطرو، عدالت قانوني رستو اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي سندس بازيابيءَ لاءِ داخل درخواست اڪلائي ڇڏي، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران بلال شاهه عدالت کي ٻڌايو ته ايجنسين جا ماڻهو سندس چر پر تي نظر رکي رهيا آهن، ان موقعي تي عدالت درخواستگذار کي هدايت ڪئي ته ان حوالي سان قانوني رستو اختيار ڪري سگهجي ٿو، عدالت چيو ته گم ٿيل بلال گهر موٽي آيو آهي، بازيابي واري درخواست جو مقصد پورو ٿي ويو آهي، عدالت حريم شاهه جي مڙس جي بازيابيءَ واري درخواست اڪلائي ڇڏي. بلال شاهه 26 آگسٽ تي ڊفينس ٿاڻي جي حد مان گم ٿي ويو ھو.