اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جو اجلاس پوسٽ آفيس پاران شهرين جا بجلي بلن جي مد ۾ ادا ڪيل پئسا ٻئي هنڌ استعمال ڪري کين ڊفالٽر بڻائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. جنيد اڪبر خان جي صدارت هيٺ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو. جنهن ۾ سال 2023-24ع لاءِ مواصلات واري وزارت جي آڊٽ اعتراضن واري رپورٽ جو جائزو ورتو ويو. معين عامر پيرزاده جي ڪنوينر شپ ۾ پي اي سي جي هڪ سب ڪاميٽي قائم ڪئي وئي. چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايچ اي) جي چيئرمين جي غير حاضري تي ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو. سڪريٽري مواصلات موجب چيئرمين اين ايچ اي هڪ ميٽنگ ۾ مصروف آهن. چيئرمين پي اي سي سوال ڪيو ته ڇا هي ميٽنگ اهم نه آهي؟ فوري طور تي چيئرمين اين ايچ اي کي طلب وڃي. پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ پاڪستان پوسٽ آفيس طرفان چار ارب رپين جي رقم جو غير قانوني استعمال متعلق آڊٽ اختيارين چيو آهي ته يوٽلٽي بلز، مني آرڊرز ۽ پوسٽل ريونيو جي مد ۾ چار ارب کان وڌيڪ رقم گڏ ڪئي وئي. چيئرمين پي اي سي چيو ته ماڻهن بل جمع ڪرايا ۽ توهان اهي پئسا استعمال ڪري ڇڏيا، توهان ڪري ماڻهو ڊفالٽر بڻجي ويا، ڪاميٽي جي ميمبر خواجه شيراز پڇيو ته هينئر تائين ذميوارن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي آهي، سڪريٽري مواصلات جو جواب ڏنو ته  انڪوائريون ٿي چڪيون آهن، ذميوارن جو تعين ڪيو ويو آهي. پي اي سي نيشنل بينڪ اختيارين کي ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪندي آڊٽ پيراز کي ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي جلاس ۾ انڪشاف ٿيو ته پاڪستان پوسٽ آفيس ۾ 314 ماڻهن جي غير قانوني ڀرتيون ڪيون ويون آهن. سڪريٽري مواصلات چيو ته ضروري ڪارروايون شروع ڪيون ويون، پر عدالتن مان اسٽي آرڊر ورتا ويا آهن. پاڪستان پوسٽ آفيس جي اختيارين چيو ته اشتهار کان وڌيڪ ڀرتي ڪيل ماڻهن کي نوڪري مان ڪڍيو ويو آهي. چيئرمين پي اي سي چيو ته ماڻهن کان پئسا وٺي ميرٽ جي خلاف ڀرتيون ڪيون ويون، پي اي سي اشتهار کان وڌيڪ ڀرتين وارو معاملو نيب ڏانهن اماڻي ڇڏيو. سڪريٽري مواصلات چيو ته مون 400 کان وڌيڪ ماڻهن کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو آهي. پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ 28 ڪروڙ رپين جي رقم جي غير مجاز استعمال جي معاملي تي ڊي جي پاڪستان پوسٽ آفيس پي اي سي کي مطمئن ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. چيئرمين پي اي سي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪم اوهان نٿا ڪريو، بدنامي پي اي سي جي ٿئي ٿي. سڪريٽري مواصلات چيو هي ڪم به نه پيا ڪن ۽ پروموشن به ٿي ويو آهي. چيئرمين پي اي سي چيو ته اوهان جيڪڏهن ٻه ٽي ماڻهو نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو ها ته معاملو حل ٿي وڃي ها. اجلاس ۾ پوسٽل لائيف انشورنس ڪمپني پاران 5 هزار 9 ماڻهن جا انشورنس ڪليمز حل نه ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو، ڪاميٽي جي ميمبرن چيو ته جيڪڏهن ماڻهن کي پئسا نٿا ڏنا وڃن ته پوءِ ڪير انشورنس ڪرائيندو.