حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ پاڪستان پوسٽ جي ملازمن کي نوڪرين تان برطرفي وارو آرڊر معطل ڪندي نوڪرين تي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي، سنڌ ھاءِ آئيني بئنچ حيدرآباد جي جسٽس ارباب علي ھڪڙو ۽ جسٽس رياضت ساھڙ تي مشتمل ڊويزنل بئنچ ۾ 83 کان مٿي درخواستگذارن پنھنجي وڪيل ايڊووڪيٽ يوسف مھر معرفت داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته پاڪستان پوسٽ ۾ جي مختلف جاين تي 23-2022ع خالي پيل جايون تي اشتھار آيو جنھن بعد لکت ۽ انٽرويو ٽيسٽ ورتي وئي ميرٽ لسٽ جاري ٿي جنھن بعد آفر آڊر ڏنا ويا ۽ جوائننگ ڏني وئي سروس شروع ٿيڻ بعد پشاور مان ڀرٿين بابت انڪوائري ڪميٽي ويٺي انھي انڪوائري ڪميٽي جو جواز ڄاڻائي سنڌ ۾حيدرآباد نارٿ رينج جي ملازمن کي برطرف ڪيو ويوانڪوائري ۾ حيدرآباد جي 183 ملازمن کي وڌيڪ ڀرتي ڪرڻ بابت رپورٽ ڏني انڪوائري جي نتيجي ۾ ڊائريڪٽ ڊرمينيشن آڊر نڪتا انڪوائري لاڳاپيل آفيسرن خلاف جوڙي وئي ھئي جنھن ۾ ملازمن کي ڪو به شوڪاز نوٽس يا اطلاع نامو، نه ڪا ايڪسپلينشن ڏني وئي انڪوائري ۾ نوڪرين مان برطرف ڪيل ملازمن کي ٻڌو ئي نه ويو عدالت لاڳاپيل ڪيس بابت ڌرين جا دليل ٻُڌڻ بعد ملازمن کي نوڪرين مان برطرف ڪرڻ وارو آڊر معطل ڪندي 83 ملازمن کي نوڪرين تي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.