جڳ مشهور وڊيو شيئرنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ، نوجوانن ۾ تفريح جو اهم ذريعو بڻيل آهي، هاڻي آمدني لاءِ نوان موقعا فراهم ڪري رهي آهي. گهٽ فالورز سان به واهپيدار مختلف پروگرامز ذريعي پئسا ڪمائي سگهن ٿا.
آمدني جا اهم ذريعا:
ڪريئيٽر ريورڊز پروگرام: هي پروگرام آمريڪا، برطانيا، جرمني ۽ ٻين ملڪن ۾ دستياب آهي، جتي شموليت لاءِ 10 هزار فالورز ۽ 1 لک وڊيو ويوز جو شرط آهي.
سبسڪرپشن: پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ موجود، جتي 10 هزار فالورز ۽ سالياني 1 لک ويوز ضروري آهن.
وڊيو گفٽ: پاڪستاني صارفين لاءِ به موجود، شامل ٿيڻ لاءِ 18 سال عمر، 10 هزار فالورز ۽ 30 ڏينهن ۾ هڪ وڊيو پوسٽ ڪرڻي پوندي.
ٽڪ ٽاڪ لائيو: 10 هزار فالورز ۽ 1 لک وڊيو ويوز سان سڄي دنيا ۾ پئسا ڪمائي سگھجن ٿا.
سييريز پروگرام: وڊيوز کي البم جي صورت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ صارف کي 10 هزار فالورز ۽ اوريجنل مواد فراهم ڪرڻو پوندو.
ماهرن موجب ٽڪ ٽاڪ نون ٽيلنٽ کي اڀارڻ ۽ مالي فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ بهترين پليٽ فارم آهي.