برسبين (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي وارم اپ ميچز ۾ انگلينڊ پاڪستان، ڀارت آسٽريليا، ڏکڻ آفريڪا نيوزيلينڊ ۽ افغانستان بنگلاديش کي هارائي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ پاڪستان طرفان مليل 161 رنز جو هدف انگلينڊ 4 وڪيٽن تي پورو ڪري ورتو، هيري بروڪس 45 رنز سان نمايان رهيو. پاڪستان طرفان شان مسعود 39 رنز ٺاهي نمايان رهيو. جڏهن ته بالرن ۾ انگلينڊ جي ڊيوڊ ولي 2 ۽ پاڪستان جي محمد وسيم 2 رانديگرن کي پويلين موڪليو. هوڏانهن ڀارت طرفان ڏنل 187 رنز پٺيان آسٽريليا 180 رنز تي ڍير ٿي وئي، محمد شامي آخري اوور ۾ 4 وڪيٽون وٺي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري. آسٽريليا طرفان ڪين رچرڊسن 4 شڪار ڪيا. ڀارت طرفان ڪي ايل راهول 57 ۽ سوريا ڪمار ياديو 50 رنز ٺاهي نمايان ۽ آسٽريليا طرفان ايرون فنچ 76 رنز ٺاهي نمايان رهيو. ٻئي طرف نيوزيلينڊ طرفان مليل 99 رنز جو هدف ڏکڻ آفريڪا هڪ وڪيٽ جي نقصان تي پورو ڪيو، ڪيشو مهاراج 3 وڪيٽون ورتيون. نيوزيلينڊ طرفان مارٽن گپٽل 26 ۽ ڏکڻ آفريڪا طرفان رلي روسو 54 رنز ٺاهي نمايان رهيا. هوڏانهن افغانستان پهريان کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 160 رنز ٺاهيون، بنگلاديش مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن تي 98 رنز ٺاهي سگهيو. افغانستان طرفان ابراهيم زدران 46 ۽ محمد نبي 41 رنز ۽ بنگلاديش طرفان مصدق حسين 29 رنز جي اننگ کيڏي نمايان رهيا. بنگلاديش طرفان تسڪين احمد 3 افغانستان طرفان فريد احمد 3 وڪيٽون ورتيون.