ٽي ٽي پي سان ڳالهين جو فيصلو باجوه ڪيو، عمران پاڻ لاءِ گنجائش نٿو چاهي، ناڪامي جي ذميوار حڪومت هوندي: پي ٽي آءِ

0
24
ٽي ٽي پي سان ڳالهين جو فيصلو باجوه ڪيو، عمران پاڻ لاءِ گنجائش نٿو چاهي، ناڪامي جي ذميوار حڪومت هوندي: پي ٽي آءِ
ٽي ٽي پي سان ڳالهين جو فيصلو باجوه ڪيو، عمران پاڻ لاءِ گنجائش نٿو چاهي، ناڪامي جي ذميوار حڪومت هوندي: پي ٽي آءِ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو آهي ته ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳالهين تي قمر جاويد باجوا چيو ته هر مسئلي جو حل ڳالهيون آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر جي بيان تي ردعمل ڏيندي عمر ايوب چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪاميٽي ۾ قمر جاويد باجوا ڳالهين جو چيو هو، اهو فيصلو پي ٽي آءِ جو نه هو، ان وقت اجلاس ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن جا ميمبر شريڪ هئا، اهو ڪنهن فرد واحد جو فيصلو نه هو، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳالهين بابت ان وقت جي فوجي قيادت حڪومت ۽ اپوزيشن ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو هو، اسان جي دور جا اپوزيشن ليڊر شهباز شريف، يوسف رضا گيلاني، بلاول ڀٽو زرداري، خواجه آصف ۽ ٻيا اجلاس ۾ موجود هئا، عمر ايوب چيو ته 5 جولاءِ 2022ع تي پي ٽي آءِ حڪومت نه هئي ان وقت پي ڊي ايم حڪومت هئي، پي ڊي ايم حڪومت چيو هو ته اسان جون ڳالهيون ٽي ٽي پي سان هلي رهيون آهن، هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ غير يقيني واري صورتحال آهي، معاشي استحڪام سياسي استحڪام سان جڙيل آهي، تحريڪ انصاف جي دور ۾ امن هو. ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ شبلي فراز چيو ته ڳالهين ۾ ناڪامي ٿي ته ذميوار حڪومت هوندي، پي ٽي آءِ اڳواڻن ڳالهين ۾ باني پاران پنهنجي لاءِ رليف ڳولڻ وارو تاثر رد ڪري ڇڏيو، شبلي فراز چيو آهي ته ڳالهين سان هر مسئلي جو حل نڪرندو آهي، پي ٽي آءِ باني پنهنجي لاءِ ڪا گنجائش نه پيو ڳولي، اسان ملڪ ۾ سياسي استحڪام آڻڻ گهرون ٿا، قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته ڳالهين ۾ اسان جي ترجيح آهي ته 9 مئي ۽ 26 نومبر تي عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي، حسان نيازي سوڌو ٻين خلاف سزائون هاءِ ڪورٽ ذريعي ڪالعدم قرار ڏنيون وڃن، پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته ڪنهن به ملڪ کي اسان جي معاملن ۾ مداخلت جو حق ناهي، ملڪ ۾ سڀ کان وڏي سياسي پارٽي کي ڀِت سان لڳايو پيو وڃي، سمورا معاملا ڳالهين وسيلي حل ڪيا وڃن.