ڪابل (م ڊ) پابندي پيل دهشتگرد تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان جو دهشتگرد افغانستان ۾ مارجي ويو آهي. دهشتگرد بادشاهه خان بارودي سرنگ جي ڌماڪي ۾ ماريو ويو. ميڊيا رپورٽن موجب مارجي ويل دهشتگرد بادشاهه خان افغان صوبي پڪتيڪا ۾ ماريو ويو آهي. هو مفتي نور ولي جو سڄو هٿ هو. ڪمانڊر بادشاهه خان پاڪستاني سڪيورٽي فورسز تي دهشتگرد حملن ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جي سنگين وارداتن ۾ ملوث هو ۽ انتهائي گھربل دهشتگردن ۾ سڀ کان مٿئين نمبر تي هو.