نيويارڪ (م ڊ) پاڪستان عالمي برداري کي خبردار ڪندي چيو آهي ته افغانستان ۾ ڪم ڪندڙ سڀ کان وڏو دهشتگرد گروپ ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) القاعده جي هڪ شاخ بڻجي علائقائي ۽ عالمي دهشتگردي جي ايجنڊا سان اڀري سگهي ٿي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل کي خطاب ڪندي پاڪستان جي وقتي مستقل نمائندي سفير عثمان جدون جو چوڻ هو ته افغانستان مان دهشتگردي ملڪ خطي ۽ دنيا لاءِ سڀني کان وڏو خطرو آهي، هن وڌيڪ چيو ته جيتوڻيڪ افغان عبوري حڪومت داعش سان وڙهي رهي آهي، پر القاعده، ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد گروپن خلاف ڪجهه به نه پيو ڪيو وڃي. سفير جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٽي ٽي پي سرحد ويجهو محفوظ پناهگاهن سان گڏ پاڪستان جي سلامتي لاءِ ڏهاڙي خطرو پيدا ڪري رهيا آهن. هن هندستان طرف اشارو ڪندي چيو ته دهشتگرد گروپ اسان جي مخالف کان مدد ۽ مالي تعاون وٺن ٿا. هن اعلان ڪندي چيو ته پاڪستان انهن خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندو ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ علائقائي ۽ عالمي ڪوششن سان تعاون ڪندو.