لنڊن (اسپورٽس نيوز) 62 سالن جي عمر ۾ ٽي ٽوئنٽي ۾ ڊيپو ڪندڙ ڪرڪيٽر نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي، اڪثر چيو ويندو آهي ته ڪرڪيٽ راند نوجوانن جي راند آهي، جنهن جي لاءِ فٽنيس جو اهم ڪردار آهي، جيڪا تقريبن 40 سالن جي عمر ۾ ختم ٿي ويندي آهي، پر اوهان کي هڪ اهڙي ڪرڪيٽر جي باري ۾ ٻڌائڻ ٿا چاهيون، جنهن 60 سالن جي عمر ۾ شروع ڪرڻ بعد نئين تاريخ ٺاهي ڇڏي آهي، پرڏيهي ميڊيا جي مطابق جزائر فاڪلينڊ جي ڪرڪيٽر اينڊريو برائونلي 62 سالن جي عمر ۾ ڪوسٽا ريڪا جي خلاف ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڊيپو ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 10 مارچ 2025 تي ڪوسٽا ريڪا جي دوري دوران جزائر فاڪلينڊ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کيڏندڙ دنيا جي 106 هين ٽيم بڻجي وئي آهي.