دبئي (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ بيٽسمينن جي فهرست ۾ بابراعظم جي حڪمراني برقرار آهي. تفصيل موجب انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل (آءِ سي سي) نئين ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ قومي ڪپتان بابراعظم جي حڪمراني برقرار آهي پر قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ان فارم اوپنر محمد رضوان کان ٻي پوزيشن کسجي وئي آهي. هن جي جاءِ تي ڀارت جو سوريا ڪمار ياديو ٻي پوزيشن تي قبضو ڄمائي ورتو آهي. سوريا ڪمار ياديو پهرين پوزيشن تي موجود بابراعظم کان رڳو 2 ريٽنگ پوائنٽس پري آهي ۽ هلندڙ هفتي وڌيڪ 2 ٽي ٽوئنٽي ميچز کيڏندو، جڏهن ته بابراعظم پنهنجي ايندڙ ٽي ٽوئنٽي ميچ 28 آگسٽ تي کيڏندو. اهڙي طرح سوريا ڪمار ياديو وٽ ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ م پهرين پوزيشن حاصل ڪرڻ جو سنهري موقعو آهي.