ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ايندڙ سال فيبروري ۾ پاڪستان ۾ کيڏي ويندڙ ٽي ملڪي ون ڊي انٽرنيشنل سيريز جي فائنل سميت ٻه ميچون ڪراچي منتقل ڪيون ويون آهن. چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ پاڪستان، نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ وارم اپ سيريز 8 کان 14 فيبروري تائين ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. ذريعن موجب پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ سيريز جي ٽين ميچ 12 فيبروري تي نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته فائنل 14 فيبروري تي ڪراچي ۾ کيڏيو ويو آهي. پروگرام تحت پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ سيريز جي پهرين ميچ 8 فيبروري تي ۽ ٻي ميچ 10 فيبروري تي نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. واضح رهي ته پاڪستان جي ميزباني ۾ چيمپيئنز ٽرافي جي تجويز ڪيل شيڊول ۾ افتتاحي تقريب سان گڏ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ افتتاحي ميچ 19 فيبروري تي ڪراچي ۾ کيڏي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سيريز جي فائنل سميت ٻن ميچن جي ڪراچي منتقلي بابت آءِ سي سي کان منظوري ورتي وئي آهي، جڏهن ته ان حوالي سان ڌرين کي به اعتماد ۾ ورتو ويو آهي. واضح رهي ته خميس ڏينهن نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي وفد نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ڪراچي جو دورو ڪيو هو. پي سي بي جي ڊائريڪٽر انٽرنيشنل عثمان واهلا وفد کي چيمپيئنز ٽرافي جي حوالي سان اسٽيڊيم ۾ جاري تيارين بابت بريفنگ ڏني ۽ ايونٽ جي حوالي سان مشاورت کانپوءِ ڪيو ويندو.