اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي چيف جسٽس پاڪستان تصدق حسين جيلاني اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي 6 ججز جي خط واري معاملي تي انڪوائري ڪميشن جي سربراھي کان معذرت ڪري ورتي. جسٽس (ر) تصدق حسين جيلاني وزير اعظم شھباز شريف کي خط لکي ڪميشن جي سربراھيءَ کان معذرت ڪئي. اڳوڻي چيف جسٽس خط ۾ وزير اعظم، ڪابينا، چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ ۽ سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جسٽس منصور علي شاھه جو شڪريو ادا ڪيو. وزيراعظم کي لکيل خط ۾ تصديق جيلاني چيو ته ججز جي خط ۾ اداره جاتي مشاورت جي استدعا ڪئي وئي آهي، چيف جسٽس عدالتي سربراهه جي حيثيت سان خط ۾ اٿاريل سوالن کي ايڊريس ڪري سگهي ٿو، آئون هن ڪميشن جي سربراهي ۽ جاچ کان معذرت ڪريان ٿو، جسٽس (ر) تصدق جيلاني جو چوڻ آھي ته مون کي ڪميشن جي ٽرمز آف ريفرنس (ٽي او آر) تي خدشا ھئا. ججز پنھنجي خط ۾ سپريم ڪورٽ جوڊيشل ڪائونسل کي مخاطب ڪيو ھيو ان ڪري منھنجو خيال آھي ته ڪميشن ان حوالي سان انڪوائري جو مناسب فورم ناھي. خط ۾ جيڪي الزام لڳايا ويا آھن ان جو ٽرمز آف ريفرنس ۾ ذڪر ئي ناھي. ھي خط پيرا ميٽر 209 جي دائريڪار ۾ اچي ئي نٿو. واضع رھي ته وفاقي ڪابينا 2 ڏينھن اڳ جسٽس (ر) تصدق حسين جيلاني کي اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي ججز جي خط واري معاملي تي انڪوائري ڪميشن جو سربراھ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني ھئي. جسٽس (ر) تصدق حسين جيلاني تي مشتمل ھڪ رڪني ڪميشن کي ججز جي خط واري معالمي تي جاچ ڪرڻي ھئي. انڪوائري ڪميشن کي اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي ججز جي الزامن جي انڪوائري ڪري 60 ڏينھن اندر پنھنجي رپورٽ جمع ڪرائڻي ھئي.