ٽيڪنالاجي يوناني ٻولي جو لفظ آهي. جنهن مان مراد فني، هنري صلاحيتن جو مجموعو يا جوڙ، جيڪو انساني تخليق هجي، ٽيڪنالاجي ڏينهن و ڏينهن تبديل پئي ٿئي. نئين ايجادن سان گڏ ۽ ان جي واڌ تيزي سان نه صرف اسان جي پاڪستان ۾ بلڪه پوري دنيا ۾ ترقي ڪري رهي آهي.ٽيڪنالاجي ۾ ايندڙ تبديليون ماڻهن جي دلچسپي تي منحصر ڪن ٿيون. جيئن ته ماڻهن جي چاهه جو رجحان جنهن شيءَ طرف وڌيڪ آهي ته ٽيڪنالاجي ماهر ان شيءَ جي سرفرازي ۾ وڌ کان وڌ وقت صرف ڪري رهيا آهن. ٽيڪنالاجي اڄڪلهه انسان جي زندگي جو ضروري حصو سمجهي وڃي ٿي. اڄ جو انسان پنهنجي ننڍي وڏي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ ٽيڪنالاجي تي ڀروسو ڪري ٿو. جيئن ته مسافري ڪرڻ، آمد و رفت، پڙهڻ لکڻ، ڪاروبار ۽ زندگي جي آسائشن لاءِ اسان جي روزمرا جي مشغولن ۾ ٽيڪنالاجي جو ڪردار ۽ استعمال سرفهرست آهي.
اگر اسان پنهنجي سماج ۽ تهذيب / ثقافت کي 20 يا 25 سال پهرين ڏسون ته اندازو لڳائي سگهون ٿا ته سڀ ڪجهه ڪيڏو مختلف هو. جهڙوڪ اسان جي آمدورفت جا طريقا يا اسان جون ڪاروباري سرگرميون سڀ ٽيڪنالاجي جي اچڻ کان پهرين ڪافي مشڪلاتن ۽ سُستي جو شڪار هيون. درياهن، ٻيڙين ذريعي هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين وڃڻ ۾ به چڱو وقت لڳندو هو ۽ هاڻي ٽيڪنالاجي جي جمال سان صرف چند ڪلاڪ ٿا لڳن هڪ شهر کان ٻي شهر يا ٻئي ملڪ وڃڻ ۾. ٽيڪنالاجي ڪيتري حد تائين انساني زندگي جو اهم حصو آهي. ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ۽ ان سان گڏوگڏ ٽيڪنالاجي گهرو اثر وجهي ٿي. وڌندڙ اقتصاديات ۽ ثقافت تي به جيئن ته اگر ڳالهه ڪئي وڃي اسان جي ملڪ پاڪستان جي ثقافت جي ته سڀ کان پهرين اسان غور و فڪر ڪنداسين. اسان جي ثقافتي لباسن تي صوبائي سطح تي غور ڪجي ته پاڪستان جا اهي صوبا جيڪي اڃا ٽيڪنالاجي جي چمڪ کان پري آهن، جيئن خيبرپختونخوا، بلوچستان ۽ گلگت بلتستان جا علائقا جتي ثقافت جا سُهڻا لباس اڄ به نظر اچن ٿا. پنجاب ۽ سنڌ جا به ڪجهه ڪچا علائقا آهن جتي اڄ به ثقافتي لباس جي وڏي اهميت آهي. نه ته ڪراچي ۽ اسلام آباد جا رهواسي ته ڄڻ پنهنجي ثقافت ئي وساري ويٺا آهن. مصروف ۽ بدلجندڙ دنيا سان گڏ قدم سان قدم ملائڻ جي دور ۾ اسان جي ملڪ جا وڏا وڏا شهر تيزي سان تبديل ٿي رهيا آهن. صرف ڪنهن مخصوص ڏينهن تي پنهنجي ثقافت سان محبت جو جذبو نظر اچي ٿو باقي سال جا 364 ڏينهن مغربي روايتون پنهنجي عروج تي نظر اچن ٿيون.
ٽيڪنالاجي ڪنهن به قوم جي ترقي لاءِ جتي ڀرپور مثبت ڪردار ادا ڪري ٿي، ساڳئي ريت ٽيڪنالاجي جا منفي اثر ڪنهن به ملڪ يا قوم لاءِ ايترا ئي نقصانڪار ۽ خطرناڪ ٿي سگهن ٿا.
70 سال جي پاڪستاني ثقافت ۾ ايندڙ تبديليون ۽ ان جي وجهه جيئن جيئن ٽيڪنالاجي جو استعمال عروج تي ٿيندو ويو آهي ثقافتي رسمو دم ٽوڙڻ لڳيون آهن. شروعات ريڊيو کان ٿي، ريڊيو جي اچڻ سان ڪجهه خاص فرق نه پيو هو، ماڻهو ملي ڪري ريڊيو ٻڌندا هئا. پوءِ ٽيليفون ايجاد ٿيو، جيڪو هر ڪنهن جي گهر به نه هو، آهستي آهستي وقت جي پيشِ نظر پوءِ ٽي وي ايجاد ٿي. اگر ائين چيو وڃي ته ٽي وي جي اچڻ سان اسان جي معاشري جي ثقافت تي تمام گهڻو اثر پيو ته اهو غلط نه هوندو. شروع شروع ۾ نه صرف پي ٽي وي هلندي هئي هتي ۽ پي ٽي وي جا ڊراما گهر گهر ۾ مشهور هوندا هئا. پنهنجي زبردست ڪهاڻي ۽ ثقافتي روايتن جي ڪري 2000 واري دور ۾ ملڪ ۾ نجي چينلز جي شروعات ٿي، نجي چينلز جي اچڻ سان ملڪ ۾ آهستي آهستي مغربي تهذيب جي اچڻ جو سلسلو جاري ٿيو. رهي سهي ڪسر موبائل فون ڪڍي ڇڏي، جيڪو ٿورو گهڻو رواج رهيل هو عيدن براتن تي خط وغيره يا عيد ڪارڊ ڏيڻ جواهو موبائل فون جي اچڻ کانپوءِ بلڪل بند ٿي ويو.
ڇا ته حسين منظر هوندا هئا، جڏهن سج لهڻ جي دير هوندي هئي ۽ اوڙي پاڙي وارا سڀ گڏ ٿي قرب جو ڪچهريون ڪندا هئا ۽ هاڻي جو پيش منظر اهو آهي ته هر ڪو پنهنجي گهر تائين محدود آهي، وقت گذارڻ لاءِ ٽي وي ۽ موبائل کي ترجيح ڏني وڃي ٿي. شايد اڄ جي اسان جي نسلن کي خبر به نه هجي ته مچ ڪچهريون ڇا کي ٿو چئجي.
سنڌ سميت اگر پوري پاڪستان جي ثقافت جو احوال وٺون ته خبر پوي ته پاڪستان جي موجوده ثقافت اڄ به مشڪوڪ آهي.
ڇو ته جنهن سرزمين تي اسان رهون ٿا ان جو نالو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان آهي، پر هتي جي ثقافت تي آهستي آهستي مغربي ثقافت جو رنگ چڙهي رهيو آهي. روايتن جو تازو مثال اهو آهي ته اسان جي معاشري ۾ ويلنٽائنز ڊي، مدرس ڊي ۽ ڪافي ٻيا به ڏينهن ملهايا وڃن ٿا. جڏهن ته اهو اسان جي ثقافت جو حصو نه آهن. پر انٽرنيٽ جي سماجي ويب سائٽس جي گهڻي قدر استعمال ۽ آن لائن پليٽفارمز تي انهن تهوارن جي چرچا اسان جي دماغ تي گهڻو اثر وجهي ٿي ۽ انسان پنهنجي ثقافت جون قدرون وساري ٻين جي ثقافت ۾ مگن ٿي وڃي ٿو.
ٽيڪنالاجي جي جديد ٿيڻ سان نه صرف اسان جي ثقافت تي منفي اثر پوڻ سان گڏوگڏ اسان جي علم ادبي ٻولي جي خوبصورتي ۽ اصليت ۾ به گهڻو فرق اچي رهيو آهي. علم ادب جا ڪتاب پڙهڻ جي جڳهه تي اسان جي نوجوان نسل (اِي بوڪ) آن لائن ڪتاب پڙهڻ کي ترجيح ڏئي رهي آهي.
(UNESCO) جي جاري ڪيل رپورٽ موجب 2100 ۾ دنيا جون 7000 ٻوليون صفحي هستي تان مٽجي وينديون. جنهن جو سبب ٽيڪنالاجي جو گهڻو استعمال ڄاڻايو ويو آهي. جنهن جو ٻيو سبب شايد ٽيڪسٽ ميسيجز ۾ يا اِي ميل وغيره ۾ ٻولي جي اکرن کي ننڍو ڪري لکڻ يا اُچار ۾ تبديلي آڻڻ آهي. اهڙا نقصانڪار عمل ڪنهن به ٻولي کي آهستي آهستي ختم ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن.
جتي ٽيڪنالاجي اسان جي ثقافت تي منفي اثر وجهي ٿي، اتي ڪافي ٻين ڳالهين ۾ اسان لاءِ مددگار پڻ آهي، پر ثقافت تي پوندڙ منفي اثر جو ڪرڻو قابل تشويش آهن.
ڇاڪاڻ ته ٽيڪنالاجي جو تيزي سان وڌندڙ رجحان ٻولي ۽ ثقافت کي نقصان ان ڳالهه کي واضح ٿو ڪري ته شايد مستقبل ۾ اسان جون ايندڙ نسلون پنهنجي ثقافت جون قدرون فراموش ڪري مڪمل طرح سان ٻين جي ثقافت جو حصو ٿي وڃن.
جيئن ته پراڻي چوڻي آهي “ڪنهن شيءَ جو گهڻو استعمال صحت لاءِ سٺو ناهي هوندو”.