اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت دڪاندارن سميت ڪاروبار ۾ ٽيڪس چوري روڪڻ لاءِ ڏنڊ وڌائڻ جو فيصلو ڪري ورتو. سينيٽ جي مالي معاملن بابت اسٽيڊنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) جي عملدارن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته حڪومت ٽيڪس چوري ڪندڙ دڪاندارن تي ڏنڊ 5 لک مان وڌائي 50 لک رپين تائين ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ٽيڪس چوري پڪڙڻ لاءِ جعلي رسيدن جي نشاندهي ڪندڙن لاءِ انعامي اسڪيم آڻڻ جي به تجويز آهي.  ايف بي آر جي عملدارن ٻڌايو ته نئين بجيٽ ۾ ٽيڪس چوري ۾ ملوث ريٽيلرز تي ڏنڊ 5 لک کان وڌائي 50 لک رپيا ڪيو ويندو ۽ ايندڙ بجيٽ ۾ پوائنٽ آف سيلز ۾ رجسٽرڊ ريٽيلرز جي تعداد وڌائي 70 لک جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. ٽيڪس چوري ڪندڙ ريٽيلرز جي نشاندهي ڪندڙ کي 10 هزار رپين تائين انعام ڏنو ويندو. ايف بي آر موجب بجيٽ ۾ ريٽيلرز تي نگراني لاءِ ڪيمرا لڳائڻ ۽ ملازمن به مقرر ڪيا ويندا. جڏهن ته پولٽري، چڪن چُوزو، تمباڪو ۽ مشروبات جي نگراني پڻ ڪئي ويندي. هلندڙ مالي سال ۾ شوگر ملز جي پيداوار جي نگراني ذريعي 34.5 سيڪڙو اضافي ٽيڪس جمع ڪيو ويو آهي. اجلاس دوران چيئرمين سينيٽ ڪاميٽي سليم مانڊوي والا چيو ته ڪيترن ماڻهن جي شڪايت هئي ته سيلز ٽيڪس ريفنڊ نٿو ملي، جيڪو هاڻي 72 ڪلاڪن بدران مهينن تائين لٽڪيل آهي. ايڪسپورٽرز جو ريفنڊ دير جو شڪار ڇو آهي. اختيارن ٻڌايو ته پنج ترجيحي شعبن (ٽيڪسٽائيل، اسپورٽس گُڊز، ڪارپٽ، ليڌر، سرجيڪل) تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. انهن سيڪٽرز جي ريفنڊ پهرين تاريخ تي جاري ڪيو ويندو آهي ۽ انهن ۾ ڪا به ادائيگي رڪيل نه آهي. هاڻي ريفنڊ جو عمل پاڻمرادو آهي ۽ بٽڻ دٻائڻ سان رقم بينڪ ۾ منتقل ٿي وڃي ٿي. ايڪسپورٽ سيڪٽرز کي آڪٽوبر کان فاسٽر رجيم ۾ آڻڻ جو ارادو آهي، جڏهن ته مقامي ريفنڊ ختم ڪرڻ جي تجويز تي به غور ڪيو پيو وڃي. لاهور، ڪراچي، اسلام آباد ۾ روزانو 20 واپارين جا دڪان بند ڪيا پيا وڃن. ٽيڪس چوري تي 5 لک ڏنڊ ۽ هڪ ڏينهن لاءِ دڪان سيل ڪيو وڃي ٿو. اهو سلسلو ٻين شهرن تائين وڌائڻ جو ارادو آهي. هن وقت 40 هزار دڪان رجسٽرڊ آهن، جيڪي وڌائي 60-70 هزار تائين آڻڻ جو هدف آهي. دڪانن جي ٻاهران يونيورسٽي جي شاگردن کي مقرر ڪرڻ جو به سوچيو پيو وڃي ڇو ته ايف بي آر وٽ ايتري فورس ناهي ته سمورن دوڪانن جي مانيٽرنگ ڪريون. ڏنڊ وڌائڻ جو فيصلو جولاءِ 2025 کان لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي. هن وقت ڪاوربار ۾ ٽيڪس چوري تي ڏنڊ 5 لک رپيا آهي، ڏنڊ وڌائڻ جي تجويز پارليامينٽ آڏو پيش ڪئي ويندي. ٽيڪس چوري روڪڻ لاءِ جلد ميڊيا مهم جي شروعات ڪئي ويندي.