اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزير اعظم شهباز شريف ملڪ اندر ٽيڪس چوري ۾ ملوث فردن ۽ شعبن خلاف سخت ڪاروائي جي هدايت ڪئي آھي وزير اعظم چيو آھي ته ٽيڪس چوري ڪندڙ فرد توڙي واپاري ڪنهن به رعايت جا حقدار نه آھن. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ايف بي آر جي معاملن ۽ جاري سڌارن بابت جائزي لاءِ اجلاس ٿيو. ان موقعي تي وزير اعظم چيو ته ايف بي آر کي ڊجيٽل ۽ خودڪار نظام ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ قدم تيزي سان جاري آهن، 70 سالن جي بگاڙ کي درست ڪرڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ ضروري آهن، ٽيڪس ڏيندڙ فردن کي ڪاروبار لاءِ وڌ کان وڌ سهولتون ڏنيون وينديون. ايف بي آر ۽ لاڳاپيل ادارن جي ٽيڪس آمدني وڌائڻ لاءِ ڪوششون قابل تعريف آهن. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ سيلز ٽيڪس جي چوري روڪڻ لاءِ نيشنل ٽارگيٽنگ سسٽم متعارف ڪرايو پيو وڃي، ان نظام تحت مصنوعات جي نقل، حرڪت ۾ شامل گاڏين کي اي ٽيگ ۽ ڊجيٽل ڊيوائسز ذريعي سڌي ريت ٽريڪ ڪيو ويندو. ان سان گڏوگڏ اي بلٽي جو نظام به متعارف ڪرايو پيو وڃي جيڪو ايف بي آر جي سسٽم تي جاري ٿيندو. ملڪ جي اهم شاهراهن ۽ شهرن جي داخلي رستن تي ڊجيٽل مانيٽرنگ سسٽم نصب ڪيو ويندو. انهن قدمن سان اسمگلنگ ۽ سيلز ٽيڪس جي چوري ختم ٿيندي، عام شهرين لاءِ به روڪ ٽوڪ کان نجات ۽ وقت جي بچت ٿيندي. هي نظام معيشت کي ڊجيٽل بڻائڻ ۾ مددگار ٿيندو ۽ ٽيڪسن ۾ نمايان اضافو ٿيندو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته بندرگاهن ۽ هوائي اڏن تي درآمدات ۽ برآمدات جي خودڪار ۽ ڊجيٽل نگراني لاءِ ڪسٽمز ٽارگيٽنگ سسٽم متعارف ڪرايو پيو وڃي، جنهن کي مقامي ۽ عالمي ڊيٽابيس سان ڳنڍي، مصنوعي ذهانت ذريعي ٽيڪس چوري ۽ اسمگلنگ روڪڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايف بي آر ۽ لاڳاپيل ادارن جي عملي کي نئين نظام جي تربيت به ڏني پئي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هي نظام ٻن مرحلن ۾ نافذ ڪيو ويندو، پهرئين مرحلي ۾ ڪنهن وڏي شهر مان پائلٽ پراجيڪٽ جي شروعات ڪئي ويندي، بعد ۾ ان کي سڄي ملڪ ۾ لاڳو ڪيو ويندو. اجلاس ۾ سيمينٽ، هيچريز، پولٽري فيڊ، تمباڪو ۽ مشروبات جي شعبي ۾ سيلز ٽيڪس جي نگراني بابت به بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته کنڊ جي صنعت لاءِ لاڳو ڪيل نگراني واري نظام وانگر تمباڪو، مشروبات، اسٽيل ۽ سيمينٽ جي پيداوار جي نگراني لاءِ ايف بي آر ۽ ان سان لاڳاپيل ادارن جا آفيسر ۽ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. وزيراعظم سڀني قدمن کي جلد، مؤثر ۽ پائيدار طريقي سان لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪئي.