اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزير اعظم شهباز شريف سان ايف بي آر آفيسر اعجاز حسين جي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ٿي. وزيراعظم  شهباز شريف اعجاز حسين جي ايمانداري جي اعتراف ۾ 50 لک رپيا انعام جو اعلان ڪيو ۽ اعزازي شيلڊ پڻ پيش ڪئي. وزير اعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۾ فرض شناس آفيسرن ۽ باصلاحيت ماڻهن جي ڪا به کوٽ ناهي جيڪي پنهنجي پيشي سان مخلص آهن،اهڙن ايماندار ماڻهن جي همت افزائي ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزير اعظم هدايت ڪئي ته ايف بي آر ٽيڪس فراڊ ۾ ملوث عنصرن ۽ انهن جي مدد ڪندڙن کي سزا ڏيڻ لاءِ بهترين قانوني ٽيم جون خدمتون حاصل ڪري. وزير اعظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو آهي ته سيلز ٽيڪس چوري لاءِ 80 سالن جي عورت جي ڊيٽا استعمال ڪئي وئي. 4 مارچ 2024ع تي ايف بي آر جي سينيئر آفيسر اعجاز حسين ٽيڪس فراڊ جي ان ڪوشش جي نشاندهي ڪئي. سيلز ٽيڪس فراڊ جي ان ڪوشش ۾ شروعاتي طور 37 ڪروڙ رپيا منتقل ڪيا ويا، جن جي وصولي جو عمل جاري آهي. ٽيڪس فراڊ جي ڪوشش ۾ ملوث مک جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. وزير اعظم هدايت ڪئي ته تفصيلي جاچ کانپوءِ ٽيڪس فراڊ جي ڪوشش ۾ مدد ڪندڙ ايف بي آر اهلڪارن جي نشاندهي ڪري کين سزا ڏني وڃي.