ٽيڪس جو 60سيڪڙو صوبن ڏانهن وڃي ٿو، ان ڪري ڊيم ناهن ٺهي سگهيا: احسن اقبال

0
23
ٽيڪس جو 60سيڪڙو صوبن ڏانهن وڃي ٿو، ان ڪري ڊيم ناهن ٺهي سگهيا: احسن اقبال
ٽيڪس جو 60سيڪڙو صوبن ڏانهن وڃي ٿو، ان ڪري ڊيم ناهن ٺهي سگهيا: احسن اقبال

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ترقي ۽ رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت جيڪا ٽيڪس گڏ ڪري ٿي، ان جو 60 سيڪڙو حصو صوبن ڏانهن وڃي ٿو، اهو ئي حال رهيو ته ايندڙ ٻن يا ٽن سالن ۾ ترقياتي بجيٽ هڪ هزار رپين کان گهٽ ٿي 500 ارب رپيا رهجي ويندي،  هن چيو ته صوبن کي وڌيڪ پئسا ڏيڻ سبب ديامر ڀاشا ڊيم ۽ مهمند ڊيم جهڙن اهميت جوڳن منصوبن تي وڌيڪ پئسا خرچ نه ٿا ٿي سگهن، ديامر ڀاشا ڊيم لاءِ هڪ هزار ارب رپيا ۽ مهمند ڊيم لاءِ 3 سئو ارب رپيا گهرجن، احسن اقبال جو چوڻ آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام صوبن جي حوالي ڪرڻ گهرجي، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ ڪي پي ۾ ضم ٿيل ضلعن کي اين ايف سي مان حصو ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.