اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، نوشڪي واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي اهلڪارن، مفتي منير شاڪر ۽ جي يو آءِ جي تازي دهشتگردي ۾ شهيد ٿيل عالمن لاءِ جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي وئي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ روزانو احتجاج ڪندڙ پي ٽي آءِ جو ڪيترن ئي ڏينهن کان پوءِ پهريون ڀيرو احتجاج نه ٿيو، جنهن سبب سوالن جي وقفي سميت پورو بزنس پرسڪون ماحول ۾ مڪمل ٿيو، قومي اسيمبلي پارليماني معاملن واري وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري جي پيش ڪيل رٿ به منظور ڪئي جنهن ۾ قومي اسيمبلي ايوان قومي سلامتي ڪاميٽي جي ان ڪئمرا جي اجازت ڏني وئي. قومي اسيمبلي ۾ قيدين جي مٽاسٽا بابت ترميمي بل 2025ع پيش ڪيو ويو جنهن کي لاڳاپيل ڪاميٽي حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته ٽيڪس ترميمي آرڊيننس 2025ع ۾ ۽ فيڊرل بورڊ آف انٽرميڊيٽ ترميمي آرڊيننس ۾ وڌيڪ 120 ڏينهن جي واڌ جون قراردادون منظور ڪيون ويون، جڏهن ته سوسائٽيز رجسٽريشن آرڊيننس پيش ڪيو ويو. ايم ڪيو ايم جي ميمبر سيد حفيظ الدين ڌيان طلب نوٽيس تي چيو ته ڊجيٽلائيزيشن لاءِ ان فرم جون خدمتون حاصل ڪيون پيون آهن، جيڪي آمريڪن بيسڊ آهن، پر آپريٽو اسرائيل ۽ ڀارت ۾ آهي، پاڪستان ۾ ان جي آفيس ناهي. ناڻي واري وزير اورنگزيب جواب ڏنو ته ميڪ ڪينسي نالي ڪمپني کي بل گيٽس فائونڊيشن فنڊ ڪري رهي آهي. ان جي پاڪستان ۾ آفيس آهي ۽ ان کي ست ڪمپنين مان ميرٽ تي چونڊيو ويو آهي.جنهن بعد قومي اسيمبلي جو اجلاس اربع ڏينهن ساڍي 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.
اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير ۽ سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ ۽ پينشن جي ڪا به تجويز غور هيٺ نه آهي. قومي اسيمبلي اجلاس دوران ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب طرفان لکت ۾ جواب جمع ڪرايو ويو، جنهن ۾ هن واضح ڪيو ته ايندڙ مالي سال لاءِ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ جي ڪا به تجويز موجود نه آهي، جڏهن ته الائونسز ۽ پي سڪيل جي نظرثاني جي به ڪا تجويز نه آهي. محمد اورنگزيب جو چوڻ هو ته وفاقي سرڪاري ملازمن جي پينشن ۾ واڌ جي به ڪا تجويز غور هيٺ نه آهي، جڏهن ته ملازمن لاءِ هائيرنگ ۽ سيلنگ جي حد وڌائڻ تي غور ويچار ٿي رهيو آهي.