ٽيڪسٽ بورڊ جو گهوٽالو وڌي ويو: سنڌ ۾ مفت درسي ڪتابن جي ڇپائي وارو ٽينڊر رد

0
76
ٽيڪسٽ بورڊ جو گهوٽالو وڌي ويو: سنڌ ۾ مفت درسي ڪتابن جي ڇپائي وارو ٽينڊر رد
ٽيڪسٽ بورڊ جو گهوٽالو وڌي ويو: سنڌ ۾ مفت درسي ڪتابن جي ڇپائي وارو ٽينڊر رد

ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم ۽ نظير ميمڻ )سپيرا تعليم کاتي جي سفارش تي پرڳڻي ۾ ايندڙ تعليمي سال لاءِ ڪتابن جي ڇپائي جو جاري ڪيل ٽينڊر رد ڪري ڇڏيو

ان ڏس ۾مليل ڄاڻ موجب سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ پاران نئين تعليمي سال لاءِ مفت ڪتابن جي ڇپائي ۾ دلچپسي رکندڙ مختلف پبلشرز کان واڪ گھرائڻ لاءِ اشتھار جاري ڪيو ويو هو، جنهن تي ڪجهه پبلشرز تعليم کاتي جي سيڪريٽري کي شڪايت ڪئي وئي ته اشتھار ۾ واڪ گھرائڻ لاء مقرر ڪيل وقت ٿورو آهي

جڏهن ته اهو اشتهار سيپرا رولز جي خلاف ورزي ڪندي جاري ڪيو ويو آهي، اهڙي شڪايت تي تعليم کاتي جي سيڪريٽري پاران ڪرايل انڪوائري بعد سيڪشن آفيسر اقبال جوڻيجو ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمين کي خط لکي جاري ٿيل ٽينڊر ۾ قاعدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي بابت آگاھي ڏني ھئي، جڏهن ته تعليم کاتي واري سيڪريٽري  پاران نگران وڏي وزير کي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمين ۽ سيڪريٽري  جي تازو جاري ڪيل ٽينڊر توڙي اڳ ۾ درسي ڪتابن جي فراھمي ۾ ناڪامي متعلق آگاھي ڏيندي سندس خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي ھئي۔

ساڳئي وقت تي ٽينڊر رد ڪرڻ جي پڻ سفارش ڪئي وئي ھئي، وڏي وزير جي خاص ھدايتن تي چيف سيڪريٽري سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين آغا سھيل پٺاڻ کي معطل ۽ سيڪريٽري  نصرت سھتو کي بدلي ڪيو هو، صوبائي سيڪريٽري   جي سفارش تي سيپرا اختيارين پاران سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو جاري ڪيل ٽينڊر رد ڪيو ويو آھي ـ