خيرپورناٿن شاه (ن پ ا)  خيرپورناٿن شاه ۾ وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاه ايم اين وي ڊرين ڇنڊڻ پراڻي ڪاري موري ڀرسان نئين تعمير ٿيل پل جي وزٽ ڪرڻ دوران ٻوڏ بچاءُ ڪاميٽي خيرپورناٿن شاه جي اڳواڻن فقير علي حسن جانوري ، سھيل چانڊيو ، عزيز جمالي ، آصف اوٺو جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن شھرين وزير اعلي سنڌ اڳيان سخت احتجاج ڪندي ايم اين وي ڊرين ڇنڊڻ جي بندن جي مرامت ڪرايو پراڻي ڪاري موري جو ملبو ڇنڊڻ مان ڪڍي ھٽايو شھر کي ٽيون ڀيرو امڪاني ٻوڏ کان بچاءَ جا اڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪندا رھيا ان موقعي تي وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاه گاڏي مان لھي احتجاج ڪندڙ اڳواڻن سان مليو. ان دوران وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاه احتجاج ڪندڙ سان ڳالھائيندي چيو ته ايم اين وي ڊرين وفاق جي ھٿ ۾ آھي، عوام جي ڀرپور مدد ۽ مالڪي ڪئي ويندي، گهٻرائڻ ۽ پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي