ٽيم ۾ سرجري بعد جاچ شروع: شاهين آفريدي تي وڏن سان بدتميزي جو الزام، ڪارروائي جو امڪان

0
35
ٽيم ۾ سرجري بعد جاچ شروع: شاهين آفريدي تي وڏن سان بدتميزي جو الزام، ڪارروائي جو امڪان
ٽيم ۾ سرجري بعد جاچ شروع: شاهين آفريدي تي وڏن سان بدتميزي جو الزام، ڪارروائي جو امڪان

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ بدترين شڪست ۽ ٽيم ۾ وڏي سرجري واري بيان کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مان وهاب رياض ۽ عبدالرزاق جو پتو ڪٽجي ويو آهي پر ان سان گڏوگڏ پاڪستان ٽيم جو اندرين ماحول بابت انتهائي ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن

ذريعن موجب، شاهين آفريدي جو تازن دورن دوران ڪوچز ۽ مئنيجمينٽ اسٽاف سان مبينا طور خراب رويو رهيو پر مئنيجر ۽ وهاب رياض فاسٽ بالر خلاف ڪو به ايڪشن نه ورتو، ٽورز دوران ٽيم ڊسپلين برقرار رکڻ مئنيجرز جو ذميواري هئي، ان کانسواءِ ان معاملي جو به جائزو ورتو پيو وڃي ته شاهين آفريدي خلاف ڪارروائي ڇو نه ڪئي وئي

پاڪستاني ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بالر شاهين آفريدي تي ڪوچز سان مبينا طور خراب رويي جي الزام بابت تفصيل سامهون اچي ويا آهن. معاملي جي وڌيڪ ڇنڊڇاڻ بابت پتو پيو آهي ته شاهين آفريدي جا بيٽنگ ڪوچ محمد يوسف سان ڏند چڪ ٿيا جيڪي شدت اختيار ڪري ويا هئا ۽ اِهو واقعو عالمي ڪپ کان اڳ انگلينڊ جي دوري دوران پيش آيو

ذريعن موجب، هيڊنگلي ۾ نيٽ پريڪٽس دوران بيٽنگ ڪوچ محمد يوسف، فاسٽ بالر شاهين آفريدي جي نو بالز جي نشاندهي ڪري رهيو هو، بار بار نشاندهي تي شاهين آفريدي تپي باهه ٿي ويو ۽ ٻنهي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي

شاهين طرفان معافي گهرڻ کانپوءِ مئنيجمينٽ سندس خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي کان پاسو ڪيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته مئنيجمينٽ جي نظر ۾ اِهو واقعو ” هيٽ آف دي موومينٽ “ هو جنهن غير معمولي سمجهڻ جو جواز نه هو