لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي آسٽريليا کي آسٽريليا ۾ زير ڪرڻ تي قومي ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. محسن نقوي پنهنجي بيان ۾ چيو ته آسٽريليا جهڙي مضبوط ٽيم کي هوم گرائونڊ تي شڪست ڏئي رانديگرن قوم جو ڳاٽ فخر وچان اوچو ڪيو، تاريخي فتح تي رانديگر ۽ مئنيجمينٽ جس لهڻي. پي سي بي چيئرمين اِهو به چيو ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن فيلڊنگ، بالنگ ۽ بيٽنگ راند جي ٽنهي شعبن ۾ آسٽريليا کي آئوٽ ڪلاس ڪيو، اڄوڪي فتح پوري قوم جي چهرن تي مرڪون وکيري ڇڏيون آهن، 8 وڪيٽن تان ڪاميابي ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني بالرن نسيم شاهه، حارث رئوف، شاهين آفريدي شاندار بالنگ ڪري آسٽريليا کي گهٽ اسڪور تي آئوٽ ڪيو، صائم ايوب ۽ عبدالله شفيق هڪ ڀيرو ٻيهر ذميواري سان کيڏيا

 

جڏهن ته بابر اعظم ۽ محمد رضوان زبردست بيٽنگ ڪندي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري، جذبي، محنت ۽ عزم سان هر ڪم ۾ سوڀ ملندي آهي.