ڪراچي (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ٽيسٽ ڪپتان جاويد ميانداد چيو آهي ته ايشيا ڪپ جي غلطين کي ختم ڪرڻو پوندو، جڏهن ٽيم جي ڪارڪردگي بهتر نه هجي ته ڪپتان کي ڪيئن ذميوار ڪوٺي سگهجي ٿو، ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد ميانداد چيو ته جيڪڏهن ٽيم ڪجهه نه ڪري رهي هجي ته ڪپتان تي تنقيد ڪهڙي ڪريون، فيصلو ڪرڻ جي مهارت تجربي سان ئي ايندي آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي ايشيا ڪپ ۾ جهڙيءَ ريت ناڪامي کي منهن ڏيڻو پيو، اها اهڙي ٽيم ناهي، ڀارت هٿان عبرتناڪ شڪست ۽ ايونٽ ۾ ناڪامي جو سبب بڻجندڙ غلطين مان سبق سکڻ جي ضرورت آهي.هن چيو ته ڪرڪيٽ جي روح کي سمجهڻ ضروري آهي، بيٽرز جا نمبرز غير ضروري طور تي نه تبديل ڪيا وڃن، هر بيٽسمين کي خبر آهي ته فاسٽ بالر يا اسپنر ڇا ڪري سگهي ٿو، ان کي خبر هجڻ گهرجي ته حريف بالر کي ڪيئن منهن ڏجي، رانديگر کي پاڻ کي هر ڪنڊيشن موجب ڪرڻو پوندو آهي. جاويد ميانداد چيو ته ڀارت ۾ ٿيندڙ عالمي ڪپ ۾ راند تي ڀرپور ڌيان ڏيڻو پوندو، بطور پروفيشنل رانديگر تماشائين جي دٻاءَ ۾ اچڻ کانسواءِ کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، ڀارت ۾ به اهڙي ئي ڪرڪيٽ هوندي، جهڙي پوري دنيا ۾ کيڏي ويندي آهي، امڪاني طور تي وڪيٽن ۽ مقابلن کي نظر ۾ رکي مشقن تي ڌيان ڏنو وڃي.