ٽيسٽ ۾ مسلسل خراب ڪارڪردگي: پاڪستان ٽيم اٺين نمبر تي اچي وئي، بابراعظم ٽاپ ٽين مان ٻاهر

0
154
ٽيسٽ ۾ مسلسل خراب ڪارڪردگي: پاڪستان ٽيم اٺين نمبر تي اچي وئي، بابراعظم ٽاپ ٽين مان ٻاهر
ٽيسٽ ۾ مسلسل خراب ڪارڪردگي: پاڪستان ٽيم اٺين نمبر تي اچي وئي، بابراعظم ٽاپ ٽين مان ٻاهر

دبئي(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي طرفان جاري ٿيندڙ نئين ٽيسٽ رينڪنگ ۾ بابراعظم پوئتي ويندڙ چار سالن کانپوءِ بيٽنگ جي فهرست ۾ ٽاپ 10 کان به ٻاهر ٿي ويو

بنگلاديش خلاف ٻن ٽيسٽ ميچز جي سيريز ۾ سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙ بابراعظم جي پوزيشن وڌيڪ ڪمزور ٿي وئي آهي، آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل ٽيسٽ رينڪنگ موجب بابراعظم خراب ڪارڪردگي سبب هاڻي 712 پوائنٽن سان 12 هين نمبر تي پهچي ويو آهي. بابراعظم بنگلاديش خلاف ٿيندڙ ٽيسٽ سيريز جي چار اننگز ۾ گڏيل طور تي 64 رنسون ٺاهيون جڏهن ته هن ڊسمبر 2022ع کانپوءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ففٽي اسڪور به نه ڪري سگهيو آهي. آءِ سي سي جي ريڪنگ ۾ قومي ٽيم جو وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان ڏهين نمبر تي آهي

جڏهن ته ڀارت جا روهت شرما، جيس وال ۽ ويرات ڪوهلي ترتيبوار ڇهين، ستين ۽ اٺين پوزيشن تي برقرار آهن. ٽيسٽ رينڪنگ ۾ پهرين نمبر تي جو روٽ، ٻئي نمبر تي ڪين وليمسن، ڊيري مچل ٽئين، اسٽيو سمٿ چوٿين ۽ هيري بروڪ پنجين نمبر تي موجود آهن

هوڏانهن هوم گرائونڊ تي بنگلاديش هٿان وائيٽ واش کي منهن ڏيندڙ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ هيٺين ترين سطح تي اچي وئي. بنگلاديش ٽيسٽ سيريز کان اڳ پاڪستاني ٽيم ڇهين نمبر تي هئي پر بنگلاديش سان وائيٽ واش شڪست کانپوءِ اٺين نمبر تي اچي وئي