لنڊن(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي آسٽريليا جي اوپنر ميٿيو هيڊن ۽ ڏکڻ آفريڪا جي فاسٽ بالر ڊيل اسٽين ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ پيٽ ڪمنز جي دفاعي انداز تي تنقيد ڪئي آهي. اڳوڻي آسٽريليا جي ڪرڪيٽر ميٿيو هيڊن اننگز دوران پيٽ ڪمنز جي دفاعي حڪمت عملي تي تنقيد ڪندي چيو ته توهان مخالف تي دٻاءُ وجهڻ کان سواءِ ميچ نٿا کٽي سگهو. هن کي باوما ۽ مارڪرم تي دٻاءُ وجهڻ گهرجي ها، پر هن ائين نه ڪيو. ان موقعي تي ڏکڻ آفريقي فاسٽ بالر ڊيل اسٽين به آسٽريلوي ڪپتان تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته هو سندس حڪمت عملي تي حيران آهي، هن چيو ته بيٽسمينن تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ کيس شارٽ ڪور، شارٽ مڊ وڪيٽ ۽ ٻين رانديگرن کي ويجهو آڻڻ گهرجي ها ته جيئن وڪيٽون وٺي سگهجن، پر ائين نه ٿيو.