دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽيسٽ رانديگرن جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي. ٽيسٽ بيٽنگ رينڪنگ ۾ انگلينڊ جو جو روٽ پهرين نمبر تي برقرار آهي، جڏهن ته انگلينڊ جو ئي هيري بروڪ هڪ درجو مٿي چڙهي ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي. ڀارت جو ريشڀ پنت پنج درجا مٿي چڙهي ڇهين نمبر تي اچي ويو آهي. نيوزيلينڊ جو ڊيرل مچل 8 درجا مٿي چڙهي ستين نمبر تي اچي ويو آهي. ان کان علاوه قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان بابر اعظم هڪ درجا ترقي ڪري 17هين نمبر تي آهي. سلمان آغا هڪ درجا مٿي چڙهي 19هين، محمد رضوان 2 درجا مٿي چڙهي 20هين پوزيشن تي اچي ويو آهي. ٽيسٽ بالرن ۾ ڏکڻ آفريڪا جو ڪگيسو ربادا نمبر ون برقرار آهي. آءِ سي سي ٽيسٽ رانديگرن جي رينڪنگ ۾ پاڪستان جو نعمان علي نائين نمبر تي آهي. ڀارت جو رويندرا جڊيجا ٻه درجا مٿي چڙهي ڇهين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته ڪيشو مهاراج چار درجا مٿي چڙهي 19هين نمبر تي اچي ويو آهي. ٽيسٽ آل رائونڊرز ۾ ڀارت جو رويندرا جڊيجا نمبر ون آهي.