جيڪب آباد: ڊي اين اي ٽيسٽ جي رپورٽ پڌري ڪندڙ ادارو لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنس لمس جي ليبارٽري تي ٽيسٽ بدلائڻ جا الزام وقت به وقت لڳندا رهيا آهن، جنهن اداري جو موقف جاچڻ لاءِ لمس جي رجسٽرار هادي محمد شيخ سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن نمبر اٽينڊ نه ڪيو، جڏهن ته سندس کي ميسج ڪري آگاهي به ڏني وئي پر ان جي باوجود اداري جي رجسٽرار فون کڻڻ جي زحمت نه ڪئي، جنهن سبب لمس جو موقف سامھون اچي نه سگهيو.