واشنگٽن/برلن/لنڊن(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان عالمي ٽيرف ۾ اضافي کانپوءِ عالمي مارڪيٽ کي وڏو ڌچڪو رسيو آهي، مالياتي منڊين ۾ شديد ٻاڙائي رهي، تيل سستو ٿي ويو، آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ 1500 پوائنٽس ڪريش ٿي وئي. اولهندي ميڊيا موجب ٽيرف وڌائڻ واري اعلان کانپوءِ سڄي دنيا جي مالياتي منڊين ۾ شديد ٻاڙائي رهي، هن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ نقصان آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ کي پهتو آهي، ڪرونا وبا کانپوءِ آمريڪي اسٽاڪس جي بدترين ڪارڪردگي آهي. وائيٽ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آمريڪي صدر ٽرمپ چيو آهي ته هندستان ڪيترن ئي سالن کان 52 سيڪڙو واپاري ٽيرف وٺي ٿو جڏهن ته اسان ان کي نه هئڻ جي برابر وٺون پيا، چين به ائين ڪري ٿو، ٻئي ملڪ ڄاڻين ٿا ته اهي سالن کان آمريڪا مان فائدو کڻي رهيا آهن هاڻي ائين نه ٿيندو. هوڏانهن عالمي منڊي ۾ خام تيل جي قيمت ۾ 7 سيڪڙو لاٿ اچي وئي آهي، لنڊن ۾ برينٽ خام تيل 70 ڊالر في بيرل ۾ فروخت ٿي جڏهن ته ڊبليو ٽي آءِ خام تيل 66 ڊالر في بيرل جي سطح تي موجود آهي. گڏيل قومن ۾ مقرر اڳوڻي پاڪستاني سفير مليحه لوڌي چيو آهي ته پاڪستاني شين تي ٽيڪس شروع کان هو، آمريڪي ٽيرف سبب دنيا ۾ تجارتي جنگ شروع ٿي ويندي.صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان پاڪستان، چين ۽ ترڪيه سميت مختلف ملڪن تي جوابي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. آمريڪي صدر پاڪستاني شين تي 29 سيڪڙو ٽيرف مڙهڻ جو اعلان ڪيو، جيڪو نوَ اپريل کان لاڳو ٿيندو. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي مليحه لوڌي چيو ته آمريڪا ۾ پاڪستاني شين تي ٽيڪس شروع کان ئي هو ۽ وڌيڪ ٽيرف وڌڻ سان پاڪستاني شيون آمريڪا ۾ مهانگيون ٿي وينديون. هن چيو ته آمريڪا ٽيرف لاڳو ڪري يا نه، پاڪستان کي پنهنجي ايڪسپورٽس بهتر ڪرڻي پوندي ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف وار جي جواب ۾ متاثر ملڪن ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ٽيرف عالمي معيشت لاءِ وڏو ڌچڪو آهي، آمريڪي عوام ان جي ڳري قيمت ادا ڪندو، ڪمزور ماڻهن کي سڀ کان ڌيڪ نقصان رسندو. يورپي ڪميشن جي سربراهه ارسلا واندرلين چيو آهي ته آمريڪي انتظاميا سان ڳالهيون ناڪام ٿيون ته اسان پنهنجو نئون جوابي پيڪيج سامهون آڻينداسين. هن وڌيڪ چيو ته يورپي يونين 26 بلين ڊالرز جو شروعاتي پيڪيج تيار ڪري ورتو آهي جيڪو آمريڪي اسٽيل ۽ المونيم تي اپريل جي مهيني ۾ لاڳو ڪيو ويندو.