ننڍي هوندي آئون تلهار ويجهو ڊي اي سي هاءِ اسڪول سعيدپور ٿيٻا ۾ پڙهندو هئس ۽ مُفت جي ماني واري هاسٽل ۾ رهندو هئس. اتي سائين مرحوم يعقوب ٿيٻي صاحب مونکي پڙهڻ لاءِ وڏا ڪتاب ڏنا. قرا العين جو وڏو ڪتاب “آگ ڪا دريا” ۽ صلاح الدين ايوبي جا وڏا ڪتاب هزار هزار صفحن جا، محمد بن قاسم، داستان مجاهد ۽ ٻيا پڙهايا. اڳتي هلي منهنجي دوستي وري ڪامريڊن سان ٿي. محترم پليجو صاحب، ڄام ساقي صاحب، تاج مري، ديدار خواجو، سبڪتگين، خادم لاکير، عثمان مهيسر، ڪنهيا لال، محبت ٻُرڙو، سليمان سولنگي ۽ خليل قاضيءَ وارن وري مونکي وڏا انقلابي ڪتاب ڏنا. ڪارل مارڪس، لينن، مائو، جي ايم سيد، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ پليجي صاحب جا وڏا ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنا. ان کان پوءِ مون ۾ ڊيگهه جي عادت پئجي ويئي. منهنجي تقرير ۾ به وڏي ڊيگهه، شاعري، ڪهاڻي، مضمون ۽ ڪالم ۾ به وڏي ڊيگهه ٿي ويئي. پنجاهه سٺ صفحن کان گهٽ ڪجهه لکان ئي نه. ڪنهن جلسي ۾ تقرير ڪريان ته ڪلاڪ کان وڌيڪ ڳالهايان. ڊائيس تي چٺيون گڏ ٿيو وڃن ته “مختصر ڪريو”. آئون اهي چٺيون ڦاڙي هيٺ اُڇلي ڇڏيان. پوءِ انتظاميا وارا ۽ ڪمپئير حضرات منهنجي چيلهه ۾ رسو ٻڌي ڇِڪي وڃي، صوفه تي ويهارين. آئون اتي به تقرير جاري رکان. پوءِ منهنجي وات تي ٽوال ٻڌيو ڇڏين ته مس ماٺ ڪريان. هڪ مضمون نويسي جي مقابلي ۾ مون اُٺ تي 150 صفحن جو مضمون لکيو. پڙهڻ شروع ڪيم ته آهستي آهستي سامعين به وڃڻ لڳا. اسٽيج تي ويٺل معزز مهمان به ويا هليا. باقي هڪڙو ماڻهو بچيو، تنهن منهنجو پورو مضمون ٻڌو! چيومانس: “ادا توکي شابس هجي، جو تو منهنجو پورو مضمون ٻڌو”! چيائين: “معاف ڪجو مضمون نگار صاحب! آئون سامعين ڪونه آهيان، شامياني وارو آهيان. تون بڪ بند ڪر ته آئون پنهنجا سامان مزدا ۾ لوڊ ڪريان”! اهيو ٻڌي منهنجو منهن لهي صفا ڀڳل ديڳڙي جهڙو ٿي ويو. پر منهنجي لِکڻين مان ڇَتي ڪوريءَ واري ڊيگهه ختم ڪانه ٿي. آئون پنهنجي محبوبا ڏانهن به ٻه ٽي سئو صفحن جو خط لکندو هئس. جنهن ۾ منهنجي پيار جي جذبن، دل جي دردن ۽ پيار جي پلٽن سان گڏ شعر ۽ شاعري به هوندي هئي. ايڏو وڏو ڪتاب جيڏو خط هو پڙهندي ڪانه هئي، باهه ۾ ساڙي ڇڏيندي هئي. مون فون ڪئيمانس ته، “منهنجي پيار ڀريئي ۽ دل جي درد ڀريئي خط جو جواب ڇو ڪونه ڏنئي؟” جواب ۾ چيائين: “ايڏو ڊگهو خط منهنجي بابي کان به ڪونه پڙهبو، آئون واندي آهيان جو پنج ڪلاڪ ويهي تنهنجي بڪ پڙهان”! اهو ٻڌي ڏک ۾ منهنجو منهن لهي اهڙو بڇڙو ٿي ويو، جهڙو ڪنهن سرڪاري اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا هجن. نيٺ مون مجبور ٿي پنهنجي علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي صلاحيتن کي گڏ ڪري اخبار لاءِ ڪالم لکڻ جو پروگرام ٺاهيو. هڪ ڪالم لکيم 170 صفحن تي مشتمل هو. اهو ڪونه ڇپيو. اخبار جي ايڊيٽوريل صفحي جي انچارج جو فون نمبر هٿ ڪري کيس فون ڪيم ته، “ادا آئون سنڌ جو وڏو قلمڪار، مزاح نگار، ڪالم نگار، فنڪار، اداڪار، مضمون نگار، ڪهاڻيڪار ۽ صداڪار آهيان. منهنجو ڪالم ڇو ڪونه ٿا ڇپيو؟” چيائين تنهنجي ڪالم ۾ ڇَتي ڪوري واري ڊيگهه آهي. اهو ڇپينداسين ته سڄو ايڊيٽوريل صفحو ڀرجي ويندو، ٻين زبردست ڪالم نگار کي جڳهه ڪانه ملندي. پهرين ڊيگهه تان هٿ کڻ پوءِ مون سان ڳالهائي”. چيومانس، يار توهين منهنجي ڪالم جي ائين آپريشن ڪريو، جيئن ڪاسائي ٽي ڪلو ڪڪڙ کي ڪُهي انجي کل، کنڀ، آنڊا، جيرو، گڙدا ۽ چرٻيءَ ڪڍي باقي ٽي پاءَ گوشت ڏيندو آهي”! چيائين: “اهو صحيح آهي پر طوطن پيءُ! معاف ڪجان اسين ڪاسائي ڪونه آهيون، توهان صفا مختصر ڪالم لکو اسين ضرور ڇپينداسين”. اهڙو خطرناڪ جواب ٻڌي منهنجو منهن صفا خراب ٿي ويو پر مون همت ڪانه هاري ۽ هڪ مختصر ڪالم لکي اماڻيم، اهو هتي به لکان ٿو!
“پيارا پڙهندڙو، مختصر ڪالم لکڻ لاءِ مون تي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. عرض آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ ٿي ويئي آهي. سڄي سنڌ جون پارٽيون (نالا لکندس ته ڊيگهه ٿي ويندي) ڇهن ڪئنالن خلاف احتجاج پيون ڪن، هاڻي موڪلاڻي. وڌيڪ خبرون ايندڙ ڪالم ۾ پڙهندا”. اهڙو مختصر ڪالم ڏسي اخبار وارا ڏاڍا خوش ٿيا ۽ تلاش گمشدگي وارن اشتهارن جي هيٺان منهنجو ڇهه سِٽو ڪالم به ڇپي ڇڏيائون. اهڙو مختصر ڪالم ماڻهن پڙهيو ئي ڪونه. آئون اهڙو مايوس ٿي ويس جهڙو منهنجو قومي اسيمبلي لاءِ اليڪشن وڙهڻ وارو فارم اليڪشن ڪميشن رد ڪيو هجي. پوءِ مون طريقو نمبر 13 استعمال ڪيو. اخبار جي هڪ صفا سينئر صحافي ليز چوسٺو جو گوگل تي گهر هٿ ڪيم، ۽ ڳوٺ جي ٻنين مان ڪيلن جا ڏونگر، ٻير، گيدوڙا، ڪمند جا اڙا، ماکي جا مانارا، گِدرا، مڪئي جا سنگ، ڀينڊين ۽ ساون مرچن جا ڪٽا کڻي سڌو گهر پهتس ۽ تحفي طور اهي مال ڏيئي، کيس هٿ ٻڌي عرض ڪيم ته منهنجا ڇَتي ڪوري جي ڊيگهه وارا ڪالم شائع ڪريو. هو صاحب ۽ سندس گهر وارا منهنجن ڏنل تحفن مان ڏاڍا خوش ٿيا، نيٺ صحافي صاحب مجبور ٿي اخبار جي دفتر ۾ هڪ هنگامي ڪانفرنس گهرائي، جنهن ۾ ايڊيٽوريل پيج جو انچارج صاحب به هو. اهو صاحب منهنجن ڊگهن ڪالمن خلاف 700 صفحن جو مضمون لکي آيو ۽ چيائين ته طوطن پيءُ جا روهڙي ڪئنال جيڏا ڊگها ڪالم ڇپيندس ته ٻيا نامور ڪالم نگار وڃي ڇولا وڪڻندا يا بوٽ پالشون ڪندا؟ ستن ڪلاڪن جي وڏي بحث مباحثي کانپوءِ اهيو طئي ٿيو ته منهنجي ڪالم جو ميجر آپريشن ڪري ڪڪڙن جي ڪاسائي وانگر ان مان فضول ۽ اجائي بڪواس ڪڍي باقي ڪم جون شيون هلائينداسين. مون هاڪار ڪئي اهيو ٺهراءُ پاس ٿيڻ کانپوءِ هال ۾ اهڙيون تاڙيون وڳيون جهڙو طوطن جي طُهر جو ڪاڄ هجي. انکانپوءِ اخبار ۾ منهنجا آپريشنل ڪالم ڇپجڻ لڳا. اهي پڙهي آئون اهڙو خوش ٿيس جهڙو ماني ۾ مونکي انبڙين جي چٽڻي ملي هجي. ڪشمور کان ڪراچي تائين ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين منهنجا مداح پيدا ٿي ويا. ڪالم ڇپجي ته فونن جا اهڙا ڪڙڪاٽ ٿيو وڃن، جهڙو ٽن ڦيٿن واري سائيڪل تي قلفي وارا در تي پيا ٽين ٽون ڪن. آئون سڄي سنسار ۾ مشهور ٿي ويس.
گهر اچي اخبارون پڙهيم ۽ ٽيوي ڏٺم ته حيران ٿي ويس. غيرقانوني ڇهن ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سڄي سنڌ اُٿي پيئي هئي. قومپرست پارٽيون، ترقي پسند پارٽيون، انقلابي پارٽيون، وڪيل، ڊاڪٽر، اُستاد، شاگرد، عورتون، اديب، شاعر، واپاري، آبادگار، دڪاندار، ٽرانسپورٽر سميت هر شعبي جا ماڻهو درياه ۽ سنڌ بچائڻ لاءِ مختلف شهرن ۽ روڊن تي احتجاجن ۾ رڌل هئا. مون سوچيو ته طوطن پيءُ تون به سنڌ جو حلالي پٽ ٿي ۽ ميدان تي اچ. ٻئي ڏينهن ڇوهارا چوڪ کان ٻهارا تائين ڪئنالن خلاف لانگ مارچ ۽ جلسو هو. آئون انهيءَ ۾ شامل ٿيس. انهيءَ پارٽي جي عظيم ليڊر جي ڀرسان ٽِيوي ۾ منهنجو فوٽو ڏسي، طوطن ۽ طوطن ماءَ خوش ٿي ائين نچڻ لڳا، جهڙو ڏهن لکن جي لاٽري ۾ منهنجو نالو نڪتو هجي. خير اتي کاڌو پيتو ڪونه مليو. آئون بکيو بکيو گهر موٽي آيس. اچڻ سان ماني جو آرڊر ڏنم ته طوطن ماءَ روئڻهارڪو منهن ٺاهي چيو ته، “مئا گهر ۾ اٽو ئي ڪونهي، مِٽيءَ جي ماني پچائي ڏيانءِ ڇا؟” اهو ٻڌي منهنجو اندر سڙي ويو. مجبور ٿي پٽڪو ٻڌي ويس دڪان تي. اٽو مهانگو سو اڌ ڪلو ڏارو وٺي آيس ۽ طوطن ماءَ کي رڌڻ لاءِ ڏنم. جيسين ڏارو پچي آئون هيءُ ڪلام ڳائڻ لڳس:
“مونکي طوطن ماءَ رڌي ڏي ڪو ڏارو
مٺڙي مونکي رڌي ڏي ڪو ڏارو
الا تنهنجو راڻل آهي بُکارو
الا تنهنجو ڪانگل آهي بُکارو
پليٽ منهنجي سوا تولو
ڀري ڏي ته کائي ٿيان سولو
ڪلام ٻڌي طوطن ماءَ ائين کِلڻ لڳي، جهڙو مون کيس نٿو قهيري جو لطيفو ٻڌايو هجي.
پيٽ ڀريو ته ننڊ اچي ويئي. مون خواب ڏٺو ته ته موجن وارو درياه سُڪل آهي، ان مان واري پئي اڏامي، سنڌ جا امير غريب ماڻهو سڀ لاڏائو قبيلن وانگر پنجاب جي گهٽين ۾ جهوپڙيون ٺاهي ويٺا آهن ۽ پِنڻ ۾ پورا آهن، ڪارپوريٽ فارمننگ جي ڳوٺن مان لڏايل لکين ماڻهو به اتي موجود آهن، چوطرف هاءِ پٽ ۽ گهوڙا گهوڙا لڳي پئي آهي. جدوجهد دوران منهنجي ڳوٺ جا وڏيرا رئيس گلڻ خان گول باڊي ۽ رئيس خاقو خان خاناڻي جيڪي هڪ منٽ به بنگلن کان ٻاهر ڪونه نڪتا هئا، سي به وٽو کڻي گهر گهر پِني رهيا هئا. اهو ڏسي مونکي ڏاڍو ڏک پهتو. آئون روئڻ لڳس پر مون همت ڪانه هاري. پنهنجن دوستن مِيرو، شيرو ۽ نوُرو سان گڏجي هزارين ماڻهو گڏ ڪري اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي اڳيان ڌرڻو هنيو ۽ جلسو ڪيو، جنهن ۾ مون ڇهن ڪئنالن خلاف جوش ۾ زبردست تقرير ڪندي ڊائيس تي زوردار مُـڪون هيون. اصل ۾ اهو مون خواب پئي ڏٺو. منهنجي کٽ جي ڀرسان پيل ٽيبل تي اهڙيون مُڪون هنيم جو سچ پچ منهنجو موبائيل به ٽُٽي پيو ۽ ٽيبل تي پيل منهنجو چشمو ۽ پاڻي سان ڀريل شيشي جو گلاس به ڀڄي پيو. آئون ننڊ مان اٿي پيس، پوءِ مونکي ننڊ ڪانه آئي. صبح ٿيو ته مون ٻه وڳا ٿيلهي ۾ وڌا هڪ وهاڻو ۽ رلي ڪلهي تي رکيم. طوطن ۽ طوطن ماءَ کان موڪلائي کين چيم ته، سنڌو تي ٺهندڙ ڇهن ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف عوامي جدوجهد ۾ وڃان پيو. ايستائين گهر ڪونه ايندس جيستائين ڪينال منصوبن جي رد ٿيڻ جو اعلان نٿو ٿئي! آئون وڏي همت ڪري هڪ انقلابي ڪارڪن وانگر گهر ڇڏي حيدرآباد پهتس، اها جدوجهد ڪندڙ هزارين ڪارڪن مونکي گڏيا. منهنجي ذهن تي شيخ اياز جو هي شعر تري آيو:
جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل، هي ڏينهن به گهاري وينداسين
ڇو پير پساري ويٺو آن، اُٿ ڏونگر ڏاري وينداسين.