ٽهڪن ۾ ٽانڊا … قصو تير ۽ شينهن جي مقابلي جو!

0
56
ٽهڪن ۾ ٽانڊا ... قصو تير ۽ شينهن جي مقابلي جو!

 هڪ ته سيءُ جا سٽڪا، ٻيو مهانگائي جا ڪٽڪا، ٽيو بيروزگاري جا ڀڙڪا، چوٿون مهمانن جا ڪڙڪا، پنجون خالي ٿانوَن جا ٺڙڪا، ڇهون طوطن ماءُ جا دڙڪا، وڃان ته ڪيڏانهن وڃان؟!… ڳوٺ جي ماڻهن ۾ مٽن مائٽن مون سان هٿ ملائڻ ئي ڇڏي ڏنو ته متان اڌارا پئسا نه گهري! مون کي ڏسي گس ئي بدلايو ڇڏين. انهيءَ دردناڪ صورتحال ۾ آئون پهرين چوٿ چريو ٿي ويس، پوءِ اڌ، پوءِ مُنو، نيٺ سڄو چريو ٿي ويس. حالت اها ٿي وئي جو ڪيڏي مهل ٽوپي ابتي پيو پايان، ڪيڏي مهل جوتا ته ڪيڏي مهل وري شلوار. اهو ڏسيو طوطن ماءُ کل ۾ اونڌي ٿيو وڃي. ٽوپي ۽ جوتا ته ٻاهر ئي سبتا ڪريو ڏي، باقي شلوار بدلائڻ لاءِ مون کي اندر ڪمري ۾ وڃڻو ٿي پيو. چريائي جا ڪئين قصا آهن، ڇا ٻڌائي ڇا ٻڌايان!

                 هڪ دفعي ڏٺم ته اسڪول ۾ گوسڙو ماستر موجود ڪو نه هو. مون وڃي ٻارن کي پڙهايو. چيومان ته اڳوڻا سبق سڀ وساري ڇڏيو، توهان کي نوان سبق ٿو پڙهايان. سبق پهريون قصو ڪانگ ۽ ڪانگڙيءَ جو. سبق ٻيو جڏهن ڪُتي ڏهه گلر چڻيا. سبق ٽيو سس سڳوري سان ڪڏهن به نه ڦٽائجي…. اهڙن زبردست عنوانن وارا 36 سبق مون ٻارن کي پڙهايا. ٻئي ڏينهن ماستر صاحب آيو، سو سبقن جا عنوان پڙهي کل ۾ اونڌو ٿي ويو. پڪ ٿيس ته اهي لڇڻ طوطن پيءُ جا آهن. تنهن وڃي سئوٽ صدوري ۽ ماسات ماڪوڙي کي دانهن ڏني ته طوطن پيءُ منهنجي اسڪول ۾ اجائي مداخلت ٿو ڪري. انهن ٻنهي مون سان اهڙي جُٺ ڪئي، جهڙي دشمن سان به نه ڪجي. ٻئي ڏينهن پنهنجي خرچ تي مون کي وٺي ويا حيدرآباد نفسياتي ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ. تنهن اشراف نه مون کي تپاسيو، نه منهنجي نبض ڏٺي، خالي احوال وٺي چئن صفحن تي مشتمل 50 کن نشي جون گوريون لکي ڏنيون، جيڪي ٻئي ڪنهن به ميڊيڪل اسٽور تان نه، فقط سندس ڪلنيڪ جي ڀر واري اسٽور تان مليون، سي به پندرهن هزار روپين جون. گهر پهچي پهريون وزن 17 گوريون ماني کائڻ کانپوءِ کائي آئون سمهي رهيس. مون تي ننڊ ائين سوار ٿي وئي، جهڙو بي پاڙي ٻٻر جي وڻ تي چنبڙي پئي هجي. صبح جو طوطن ماءُ مونکي اچي اٿاريو پر منهنجا کونگهرن جا اهڙا رانڀاٽ هجن، جهڙو ويامو ٻڪري جي اور ڦاسي پئي هجي. هن مون کي اٿلايو، پٿلايو، پر ٻيو مڙيئي خير. نيٺ سئوٽ صدوري ۽ ماسات ماڪوڙي کي وٺي آئي، تن به مون کي اٿارڻ جا وڏا وس ڪيا، هو مون کي اٿاري ويهارين ته آئون وريو ڪريو پوان. نيٺ اسان جي عطائي ڊاڪٽر سلو سروٽي کي وٺي آيا. تنهن گوريون ڏسي چيو هي سڀ ننڊ ۽ نشي جون گوريون آهن، هن کي ستي ستي کير ڏارو ۽ رٻ پياريو، ٽن ڏينهن کانپوءِ هن جو نشو لهندو. ٿيو به ايئن. طوطن ماءُ ويچاري منهنجي ائين خدمت ڪئي، جهڙو آئون سڪرات ۾ هجان. ٽن ڏينهن کانپوءِ مون کي هوش آيو. مون بچيل گورين جي هڙ ٻڌي ۽ حيدرآباد وڃي ان ڊاڪٽر صاحب جي اسپتال اڳيان در تي قبر ٺاهي، ان ۾ پوري مٿان لکيم: هيءَ قبر 15000 روپين جي قيمت وارين پنجاهه گورين جي آهي، جن مون کي ٽي ڏينهن لاڳيتو غش ڪري ڇڏيو هو. پوءِ ڇا ٿيو، خدا کي خبر.

مٿان اليڪشن جي موسم اچي وئي، آئون پٽڪو ٻڌي اوڙي پاڙي جي وڏيرن وٽ وڃي پهتس. کين ليکو ڏنم ته منهنجي فيملي ۾ زالين مڙسين 72 ووٽ آهن، سڀ توهان جا! وڏيرو ڏاڍو خوش ٿيندو هو ۽ ڀاڙي ڀتي لاءِ مون کي پنج ڏهه هزار ڏئي ڇڏيندو هو. اهڙي نموني مون ڪئين وڏيرن کي ليکا ڏنا ۽ مال ٺاهيو. پئسا اچڻ کانپوءِ گهر به سيڌي سامان سان ڀرجي ويو، طوطن ۽ طوطن ماءُ کي نوان ڪپڙا ۽ جتيون به ملي ويون، ميڪ اپ جو سامان به اچي ويو، گهر ۾ سَرهائي ۽ سُرهائي اچي وئي ته مون واري چريائي به موڪلائي وئي. آئون وري به اڳوڻو سگهڙ، شاعر، اديب ۽ ڪالم نگار طوطن پيءُ ٿي ويس. پئسو وڏي حرامڙي شيءَ آهي، ماڻهوءَ کي ماڻهو ڪريو ڇڏي، نه ته ماڻهو چريو ۽ وائڙو ٿيو وڃي، جنهن جو مثال آئون پاڻ آهيان.

ڪجهه ڏينهن کان “ٽائيم ٽي وي” ۾ پئي ڏٺم ۽ “پنهنجي اخبار” ۾ پڙهيم ته هڪ وڏي پارٽي جو ليڊر صاحب جتي ڪٿي تقرير ڪندي پيو فرمائي ته، تير شينهن جو شڪار ڪندو آهي ۽ ان کي ماريندو آهي، ان ڳالهه جو منهنجي ذهن تي تمام گهرو اثر پئجي ويو. مون کي به شوق ٿيو ته آئون به تير ٺاهي شينهن جو شڪار ڪريان. مون هڪ لوهار کان تيز ترين تير ٺهرايو ۽ لئيءَ جي ڪاٺي موڙي ان مان ڪمان ٺاهي. تير کي ڇڪڻ لاءِ ڪاٺيءَ جي ٻنهي پاسن کان پراڻو سائيڪل جو ٽيوب لڳايو. ابا تير تيار ٿي ويو! مون ان جي رٽن، واءِ واءِ ۽ فٽينس جي ٽيسٽ ورتي، مون ان سان ٻه ٽي ڪانگ ۽ ٻه ٽي ليلها ماريا ته اهو مڪمل پاس ٿي ويو. پوءِ مون منهنجي پياري يار دلدار فقير دينو ڪنڀار کي فون ڪري سڄو داستان ٻڌايو ته هو پنهنجي پياري گڏهه سميت اچي پهتو. اسين ٻئي گڏهه تي چڙهي پري هڪ ٻيلي ۾ وڃي پهتاسين. مون فقير دينو ڪنڀار کي موڪل ڏني ته تون واپس هليو وڃ، هتي ڪئين خطرناڪ جانور آهن، متان تو واري پياري ۽ دل واري گڏهه تي حملو ڪن. هو مون کي دعائون ڏيندي موڪلائي روانو ٿي ويو. آئون هليو ويس. پري کان هڪ خطرناڪ شينهن کي ڏٺم، آهستي آهستي گاهه مان لڪي ويجهو وڃي ٺڪاءُ جو تير هنيو مانس ته تير گسي ويو ۽ شينهن مون تي حملو ڪري ڏنو. آئون ساهه بچائڻ لاءِ ڀولڙي وانگر هڪ وڻ تي چڙهي ويس. وڏڙا چوندا آهن ته ٻلي شينهن کي سڀ سيکاريو پر وڻ تي چڙهڻ ڪو نه سيکاريو. شينهن وڻ تي ته چڙهي ڪو نه ٿي سگهيو پر آئون وڻ تي ائين قابو ٿي ويس، جهڙو واپڊا جو ملازم يارنهن هزار وولٽيج واري کنڀي تي قابو ٿي ويو هجي. هيٺ شينهن هر هر وات کولي ڏند ڪڍي پيو مون کي ڊيڄاري، ڄڻ چوندو هجي: لهه ته تنهنجي خبر وٺان! چيومانس ته يار شينهن! مون کي معاف ڪر، مون ته هرڻ کي تير پئي هنيو، اتفاق سا تو ڏانهن اچي ويو، هاڻي مون کي جاءِ ڏي ته آئون واپس گهر وڃان! پر شينهن کي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه  آئي. سمجهيم شايد هن کي سنڌي ڪا نه ٿي اچي. وري انگريزي ۾ چيومانس، “او ماءِ ڊيئر شينهن شير خدا جا! آءِ ايم ساري، آءِ وانٽ ٽو ٽارگيٽ هٺيلي هرڻي، بٽ انفارچوئلي ماءِ ايرو اهڙو گٿو، جو اهو ڪيم ٽو يو!” شينهن انگريزي به ڪانه سمجهي، پوءِ اردو سرائيڪي ۽ گجراتي ۾ چيومانس پر شينهن ٺپ نه سمجهي. نيٺ پنجابي ۾ چيومانس: “اوئي ساڊا سپر لاڊلا، لنڊن تي سعودي پلٽ پيارا شيرا، مينون معاف ڪرو يار بيلي، مين تي هرني نون تير ماريا سي، اتفاق نال تواڊي ڪول آگيا سي، مينون معاف ڪرو، هور اٿون هٽ جائو تي مين غريب اپڻي گهر جاوان! ….. تينون واسطا اي رب دا، تو هٽ جا وي شيريا…” ابا پنجابي ٻولي شينهن کي سمجهه ۾ اچي وئي ۽ هو اتان ٽري ويو. مون ڪلاڪ کن انتظار ڪيو ته متان موٽي نه اچي، پوءِ وڻ تان لهي ڊوڙون پائي اچي گهر پهتس. ٿڪي پيسم صفا ساهه پيو نڪري. طوطن ماءُ پڇيو: مئا اهڙي حالت ٿي اٿئي، جبل کوٽڻ ويو هئين ڇا؟ کيس سڄو قصو ٻڌايم ته هن مون سان ڏاڍي جٺ ڪئي. جٺ سهڻ جو آئون اڳئي مڙس ماڻهو آهيان، سو برداشت ڪري ماٺ ڪري پاسو ورائي ليٽي پيس. پوءِ سوچيم ته 8 فيبروري تي اليڪشن آهي، شينهن ۽ تير ۾ مقابلو آهي، ڏسون ته تير شينهن کي لڳي ٿو، يا گسي وڃي ٿو ۽ تير هڻڻ وارو مون وانگر ڀڄي وڻ تي ته ڪو نه ٿو چڙهي وڃي! تير جي معاملي ۾ مون کي شاهه صاحب جو هي بيت ياد اچي ويو:

صبر جن جو سير، تير نه گسي تن جو!