عيد ڀلي پراڻي ٿئي پر عيد مبارڪن وارا پلاند پراڻا ناهن ٿيندا. اڄ اهو پلاند ڪبو. سڀني مسلمين ڀائرن، ڀينرن، امڙين، پيئڙن، مڙهين، مَڙهن، ٻارن، ٻارڙين، سَسن، سُهرن، سالين، سالن، ڏيرن، ڏيرياڻين، سوٽن، ماساتن، ماروٽن، پڦاٽن، مامين، پڦين، چاچين، مامين، ناٺين، ننهرن، انڌن، منڊن، گونگن ٻوڙن ۽ کدڙن فقيرن کي گذري ويل عيد جون ٽين ملين مبارڪون، يعني سنڌي ۾ ڪروڙ ڪروڙ مبارڪون. هن ڀلاري عيد تي امير غريب سڀ عورتون، مدد ۽ ٻار نوان ڪپڙا، نيون جُتيون، نيون گنجيون، نيون ٽوپيون، نوان رومال، اڳٺ ۽ ميڪ اپ جو سامان وٺندا آهن. انهن شين جي دُڪانن تي اهڙي رش هوندي آهي، جهڙو ڪانڌپي جو ڀت پيو ورهائجي. وڏن ماڻهن ميرن، پيرن، وڏيرن، سردارن، ڪامورن، وزيرن، حڪمرانن ۽ ڌاڙيلن جي ٽجوڙين ۾ نوٽن جون ڀريون پيل هيون، پگهاردارن ۽ پينشن وارن کي به عيد کان اڳي ڏوڪڙ ملي ويا ته لئي ڪري ائين ٻانهون لوڏي هلڻ لڳا، جهڙا ستن واٽرن جا ڌڻي هجن. باقي مار کائي وياسين اسين هيٺئين درجي جا هاري ۽ مزدور ماڻهو. اسين اڳيئي اٽي ۾ جهليل، افطاري جي سامان لاءِ بيوس ۽ لاچار، سو عيد جي خريداري لاءِ هزارين روپيا ڪٿان آڻيون؟ آئون ته خبر اٿو ته مزدور ماڻهو آهيان. سو رمضان شريف ۾ سڀ مسلمان ڀاءُ روزن ۽ نمازن، افطارين، سحرين ۽ تراويحن ۾ مشغول هئا. سو اسانکي مزدوري به ڪا نه ٿي ملي، خاص ڪري آخري ڏهاڪي ۾ ڪنهن اسانکي اڙي به ڪو نه ٿي چيو. آئون روز شهر وڃي فوٽ پاٿ تي رنبو، هٿوڙو، تيشي، مارو ۽ ڊرل مشين رکي ويهندو هئس ته من ڪا مزدوري ملي ته گهر جو گاڏو هلايان پر ٻيو مڙوئي خير. سج لئي کانپوءِ آئون خالي هٿين ڀڳل موبائيل جهڙو منهن کڻي گھر ايندو هئس. سڄي رات غم جي غوطن ۾ گذاريندو هئس. پوءِ مون سوچيو ته ڪنهن دوست يار کان يا مٽ مائٽ کان اوڌر وٺي عيد جو خرچ پورو ڪريان. پهرين آئون سئوٽ وري ۽ پوءِ ماسات ماڪوڙي کان اڌارا پئسا وٺڻ ويس. ٻنهي ڪاوڙ ڪري ڪارٽون جهڙي شڪل ٺاهي مونکي سُڪو جواب ڏنو. مون بدلي وٺڻ جو پروگرام ٺاهيو. طوطن ماءُ کي چيم ته اڄ ٿلهي تي ماني پچاءِ، هن ٿلهي تي ماني پچائي. مون چُلهي ۾ ڪرڙ جون صفا سُڪل ڪاٺيون وڌيون ته واه جي باه ٻري ويئي. هون هڪڙو پائيپ هٿ ڪيو. ان مان باه کي زوردار ڦوڪون ڏنم ته چُلهه مان چڻنگون اڏاميون، هڪڙيون ماسات ماڪوڙي جي لوڙهي تي وڃي ڪريون ته ٻيون وڃي س/وٽ صدوري جي لوڙهي تي ڪريون. ٿوري دير کانپوءِ باه جا شعلا ائين شروع ٿي ويا, جهڙو ڪنهن ٻيلي کي باه لڳي ويئي هجي. سڄو ڳوٺ باه وسائڻ لاءِ اچي پهتو. آئون ته سڀني کان پهرين پاڻي جي بالٽي ڀري وڃي پهتس ته جيئن مون تي ڪير شڪ نه ڪري. باه ته آخرڪار ڳوٺ وارن وسائي ڇڏي. پر سندن الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو.
انتقام وٺڻ بعد منهنجو من ٺري پيو، پر پئسن جو مسئلو ڇهن ڪئنالن واري منصوبي وانگر اتي جو اتي رهيو. انهي کي حل ڪرڻ لاءِ مون ميرن جي بادشاه وانگر عقل جي ڊوڙ شروع ڪئي. سڀ کان پهرين آئون منهنجي مشهور صحافي دوست رمضان ٿوري جي گھر ويس کي. ڀاڪر پائي زوردار نعرو هنيم: “رمون او منهنجا پيارا رمون، اڌار پئسا ڏي ته سک سان سمهون، عيد کانپوءِ راڻي باغ گھڻ هلون!” هن اشراف پنهنجا اڳيان ٻه کيسا، پاسي وارا ٻه کيسا ۽ شلوار وارو پنجون کيسو به کولي مونکي ڏيکاريو. انهن ۾ رڳو اوڌر تي ورتل سامان جا بل هئا، باقي ڏهن روپن وارو نوٽ به ڪو نه هو؛ اکين ۾ ڳوڙها آڻي چيائين يار طوطن پي معاف ڪجان، آئون پاڻ پريشان هئس ۽ توکان پئسا وٺڻ پئي آيس!
پهريون آپريشن فيل ٿيڻ کان پوءِ پئي آپريشن جو پروگرام ٺاهيم، منهجو هڪ پراڻو دوست هو دڙي ۾ ان وٽ زمين به هئي، بنگلو به هو. پئٽرول پمپ به هو ۽ شريفن جي پارٽي جي مقامي اڳواڻ به هو. نالو هئس محترم جناب ڪنور ٿومرو پر دڙي وڃڻ لاءِ مون وٽ ڀاڙو ڪونه هو. ٻيو آپريشن ناڪام ٿيڻ کانپوءِ مون ٽئين آپريشن لاءِ تياري ڪئي. ان تي عمل ڪندي مون پنهنجي ڇاپرائين اوطاق تي دوستن جي هنگامي ڪانفرنس منقعد ڪرائي. جنهن ۾ منهنجي پيارن دوستن نورُو، ميرو، شيرو کي شرڪت ڪرايم. انهيءَ هنگامي ڪانفرنس جي صدارت لاءِ مون منهنجي کُٽل صحافي دوست رمضان ٿورو کي مقرر ڪيو ۽ ڪمپيرنگ مون پاڻ ڪئي. انهي ۾ ٽي ايجنڊائون هيون، پهرين هئي عيد تي نوان ڪپڙا، نئون بوٽ، نوان جوراب، نئون رومال ۽ اڳٺ پائڻ، ٻي ايجنڊا هئي ته عيد نماز کانپوءِ رئيس گلڻ خان گول باڊي جي اوطاق کان وٺي پنهنجي ڇاپرائين اوطاق تائين ڇهن ڪئنالن خلاف جلوس ڪڍي، ڦلڪارا روڊ تي ڌرڻو هڻي تقريرون ڪرڻ. ٻنهي ايجنڊائن تي خوب تاڙيون وڄيون ۽ ٻئي ايجنڊائون خير خوبي سان پاس ٿي ويون. ٽي ايجنڊا ڏاڍي اهم ۽ وقتائتي هئي، اهائي عيد جي خريداري لاءِ نوٽ هٿ ڪرڻ يعني مالي وسيلا پئدا ڪرڻ. ان تي وڏا عظيم ۽ طويل بحث ٿيا. نيٺ طئي اهو ٿيو ته اسان سڀني ۾ مالدار شيرو آهي، جنهن وٽ ٻڪرين جو ڌڻ آهي. اهو سخي ٿئي ۽ هڪ هڪ ٻڪري اسان چئني يعني ميرو، نُورو، ٿورو ۽ طوطن پيءَ کي ڏيئي ته پاڻ سڀني جي عيد عاليشان ٿي ويندي. انهن ٺهراءِ کي سڀني تاڙيون وڄائي قبول ڪيو. پر شيرو بيهوش ٿي پٽ تي ڪري پيو. مون مٿس پاڻي جي پائيپ سان ڇنڊڪار ڪئي ته هوش ۾ اچي ويو. چيائين، “ٺيڪ آهي پر هڪ شرط آهي، ته نوُرو شهر مان مغربي مشروب جي بوتل، هڪ گولڊليف جو پاڪيٽ ۽ هڪ ڀگُڙن جي ٿيلهي وٺي ميرو کي ڏئي. آئون اهي کائي پي بيهوش ٿي گھر اڳيان ٻڪرين جي ڌڻ وٽ رکيل کٽ تي سمهان ته. ميرو ڀلي چار ڀليون ٻڪريون ڪاهي وڃي!” انهي ڳالهه کانپوءِ هال ۾ اڌ ڪلاڪ تاڙيون وڄي ويون. ٺهراءُ تي عمل ٿيو. عيد کان ٽي ڏينهن اڳ اسان سڀني کي رات جو هڪ هڪ ٻڪري ملي ويئي. اهي ڍڳي گاڏي تي فجر جو چاڙهي اسان وڪڻڻ لاءِ شهر آنديون. خير اهو آپريشن ڪامياب ٿيو. اسان بکين کي ڏوڪڙ ملي ويا ۽ شهر مان عيد جي خريداري ڪري ڳوٺ آياسين. مون طوطن ماءُ لاءِ هڪڙو وڳو، جُتي ۽ ميڪ اپ جو سامان ورتو. پنهنجي ۽ طوطن لاءَ به وڳو ورتو. شهر مان گھر جو سيڌو سامان ڀاڄيون، فروٽ، ڪڪڙ جو ۽ ٻاڪرو گوشت ورتو، سڄي چنگچي ڀرائي گھر آسين. سامان ڏسي طوطن ماءُ خوشي مان ٿلهي تي نچڻ ۽ ڳائڻ لڳي: “جو طوطن پيءُ مونکي پيار ڏنو، تنهن پيار تان صدقي! جنهن مون لاءِ سامان آندو تنهن دلدار تان صدقي!” چيومانس “اڄ گھر ۽ عيد جو سامان ڏسي تون مونکي پيارو ۽ دلدار پئي سڏين، جڏهن خالي هٿين ايندو آهيان ته مونکي مُئا، ٽڪي جا ماڻهو ۽ ٿرڊ ڪلاس سڏيندي آهي.” اهو ٻڌي هوءِ خوشي ۾ ائين کلڻ لڳي جھڙو گلشن ۾ بهار اچي ويئي هجي.
خير اسان ڪانفرنس جي ايجنڊا نمبر 2 تي عمل ڪندي رئيس گلڻ خان گول باڊي کان مون واري ڇاپرائين اوطاق تائين لانگ مارچ ڪئي، پوءِ اسان ڦلڪارا روڊ تي ڌرڻو هڻي تقريرون ڪيون، پنجاب پاران سنڌو درياه تي ٺهندڙ ڪئنالن تي مون ۽ رمضان ٿوري فرسٽ ڪلاس تقرير ڪئي. ڪراچي مان هڪ ڳوٺاڻو “ٺلهي يڪس ڪُئو” آيو، تنهن به عالشان تقرير ڪئي. شيرو ضد ڪئي ته آئون به تقرير ڪندس. تنهن تقرير ۾ ڇهن ڪئنالن خلاف هڪ اکر به ڪونه ڳالهايو، فقط پنهنجين ٻڪرين جي ڌڻ مان چئن ٻڪرين جي چوري خلاف ڳالهايو، روڊ بلاڪ ڪرڻ جي ڪري اسان تي شيخ پرڪيو جي ٿاڻي جي پوليس اچي ڪڙڪي. آنسوگئس ۽ هوائي فائرنگ جي ڊپ کان اسين سڀ ڪمند ۽ ٻاجهر جي ٻنين ۾ لڪي وياسين،
خير اسان وري هلچل ختم ٿي. آئون گھر آيس اچي. سوچيم ته پنجاب سنڌو مان ڇهه ڪئنال ڪڍي اسان لاءِ ڏڪار پيدا پيو ڪري. هينئر ئي درياه ۾ پاڻي ڪونهي، ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعن ۾ ڏڪار آهي،ڊيلٽا ۾ پاڻي نه هئڻ ڪري پلو، جهينگو ۽ تمر جا ٻيلا تباه ٿي ويا آهن. اسانجو چاپايو مال، آبي جيوت، پکي پکڻ جيت جڙا سڀ اڃ ۾ تڙپي تڙپي مري ويندا، اهيو سوچي منهنجو عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون. منهنجين اکين مان وڏڦڙي مينهن جيان ڳوڙها زارو قطار وهڻ لڳا. مسڪين ماروئڙن هارين ۽ مزدورن جي غربت بابت سوچي منهنجي ذهن ۾ شاه سائين جو هي بيت تري آيو:
ڪيم مهاڙ ملير ڏي مٿان ڪوٽ چڙهي
نت نهاريم ڏيهه ڏانهن ته ڳوڙها پيم ڳڙي
نڱي ڪوڪ قلب مان منجهان روح رڙي
ويڙهيچن وري، ڪر نه لڌي ڪڏهن.