ٽهڪن ۾ ٽانڊا … ذِڪر مُنهنجي ڀڳل پاسراٽيءَ ۽ سنڌ جي سُورن جو!

0
15
ٽهڪن ۾ ٽانڊا ... ذِڪر مُنهنجي ڀڳل پاسراٽيءَ ۽ سنڌ جي سُورن جو!

غُربت، مهانگائي ۽ بيروزگاريءَ جي ڪري گهر ۾ سيڌي سامان جي ڀِينگ لڳي پئي هئي، سيٺ صُوفن سودائي به اوڌر تي سامان ڏيڻ کان ڪِنن لفظن سان جواب ڏنو. خالي هٿين اچڻ کان پوءِ طوطن ماءُ ۽ منهنجا اهڙا جهيڙا شروع ٿي ويا، جو ڳالهه نه پُڇو. اصل لتون، مُڪون، انگڙا، جانٺا ۽ ٽڪر هڻي رتورت ٿي وياسين. گوڙ تي ماسات ماڪوڙو ۽ سئوٽ صدورو اسان کي ڇڏائيندا به هئا ۽ جُٺ به ڪندا هئا. اها خبر منهنجي پاڙيسري دوست نُوروءَ کي پئي، تنهن ٻين دوستن هميرو ۽ شيروءَ کي گُهرائي هنگامي اجلاس گُهرايو، جنهن موجب اها قرارداد پاس ٿي ته، ٽيئي ڄڻا گڏجي طوطن پِيءُ جي هنگامي بُنياد تي امداد ڪندا، ان پاس ٿيل قرارداد تي عمل ڪندي شام جو منهنجي گهر سيڌو سامان، ڀاڄيون ۽ ميوات ائين موڪلي ڏنائون، ڄڻ آئون ڪو ڏتڙيل علائقي جو فرد هجان. ايتري امدادي سامان ملڻ کان پوءِ اهڙو امن امان ٿي ويو، جهڙو ڌاڙيلن ۽ پوليس ۾ ٺاهه ٿي ويو هجي. گهر مان في الحال عدم استحڪام ختم ٿي ويو.

                 ٻئي ڏينهن شام جو ڪارا ڪَڪر ڀرجي آيا. هڪڙا بادل پاڻيءَ جا ڊرم وسائي ٿي ويا ته ٻيا ڀرجي اچي ٿي ڪڙڪيا. اسان جي ڳوٺ مان اڃان 2022 واري ٻوڏ جو پاڻي سُڪو ئي ڪونه هو ته، ٻي ٻوڏ اچي ٺَڪاءُ ڪيو. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته، غريب جي گهر مان اڃان پهريان مهمان ٽَريا ئي ڪونه هئا ته ٻيا مهمان اچي لٿا، مٿان وري رهيل ڪسر واهن ۽ شاخن جي گهارن پوري ڪئي. اُتر کان لُنڊي شاخ، ڏکڻ کان مُراد واهه، اوڀر کان کِير واهه ۽ اولهه کان پِير واهه ۾ گهارا پئجي ويا. ڳوٺ وارن لڏپلاڻ شروع ڪري ڏني. اسان به ڪُجهه کٽون، رليون، وهاڻا، هانءَ ٿڦا ۽ امدادي سامان گڏهه گاڏيءَ ۾ لوڊ ڪيا. وتائي فقير واري ڳالهه ته غريب ماڻهوءَ کي ٿوري سامان جي ڪري لڏڻ ۾ سولائي ٿئي ٿي. اسان پنهنجو مال، يعني بي اولاد منڊڙي گڏهه، دادلي ڪُتي ۽ ڪُنواري ٻِليءَ کي به گڏ کنيو ۽ اچي لُنڊي شاخ جي مٿانهين ڪَپر تي جُهوپڙي ٺاهي  لاڏائو قبيلي وانگر ويٺاسين. مُون هڪ ڀِٽَ تي چڙهي ڳوٺَ جو ديدار ڪيو ته، اُتي رُڳو رئيس گُلڻ خان گول باڊي جي ماڙي ۽ وڻڻ جون چوٽيون ڏسڻ ۾ پئي آيون. اسين ٻُڏڻ کان ته بچي وياسين پر دوستن جي ڏنل امدادي سامان ختم ٿيڻ کان پوءِ بُکَ مرڻ لڳاسين. شُڪر ٿيو جو آئون تارو هئس، سو پاڻيءَ ۾ لهي ٻُڏل فصلن، سارين، ٻاجهر ۽ مڪئي جا سَنگَ پٽي ايندو هئس. مُنهنجي حالت اُن ڏيڏر جهڙي هئي، جيڪو ڍنڍ ۾ ٽُٻيون ڏئي شڪار کائي پيٽ ڀري ڪناري تي اچي ڳِچي ڦُوڪي ٽران ٽران ڪري ڏيڏريءَ کي سڏيندو هو. آئون به سنگن جي ڀري ڪُلهي تي لوڊ ڪري ڪناري تي اچي ڏيڏر وانگي ڳِچي ڦُوڪي ٽران ٽران ڪندو هئس ته طوطن ۽ طوطن ماءُ اچي پُڄندا هئا ۽ پوءِ سامان کڻائي هلندا هئا. پوءِ سنگ سُڪائي ۽ پچائي اسين ائين کائيندا هئاسين، جهڙو ليلها ۽ وهيا پيا داڻو چُڳن. اُتي اسان جي ڪُنواري ٻِلي رول ٿي پئي، مون غيرت ۾ اچي اُن کي ڪُهاڙيءَ سان مارڻ چاهيو ته طوطن ماءُ اچي مونکان ڪُهاڙي ڦُري ۽ چيائين ته انسان ٿي، مسڪين جانورن کي نه مار. انهن ۾ اسان انسانن وانگر شادي، نڪاح، طلاق، خلع، ڪورٽ مئريج ۽ موبائلي مئريج ڪونه ٿيندي آهي. اهو ٻُڌي آئون ٿڌو ٿي ويس، جهڙو ملتاني گُهگهيءَ جو پاڻي هُجان.

مهيني ڏيڍ کان پوءِ ڳوٺ مان پاڻي لٿو، اسان سامان کڻي اچي اباڻا ڪَکَ وسايا. هڪڙو مَواڙ ٻِلو اسان جو لوڙهو لتاڙي گهر ۾ گِهڙي آيو، آئون اُن کي مارڻ لاءِ ڊوڙيس ته ڏاڪڻ تان تِرڪي پيس ۽ مُنهنجي پاسراٽيءَ ۾ اهڙا ڌَڪَ لڳا جو ساههَ به نٿي کڻي سگهيس. مُنهنجا ڪِيهاٽ ٻُڌي ماسات ماڪوڙو ۽ سئوٽ صدورو ڊوڙي آيا، تن مونکي چنگچي ۾ لوڊ ڪري حيدرآباد جي سرڪاري اسپتال ۾ پهچايو. اُتي هڏن جي وارڊ ۾ وياسين، جتي هڪ ڇوڪراٽ ڊاڪٽر ويٺو هو. جيڪو شايد پنهنجي مڱينديءَ کي رومانٽڪ شعر ٻُڌائي رهيو هو. اسان جي پهچڻ تي ڳالهائڻ بند ڪري نه تپاس ڪيائين، نه ايڪسري ڪڍرايائين ۽ نه ئي وري ٻيون ٽيسٽون ڪرايائين، سُور جون گوريون ڏئي چيائين ته، وڃي آرام ڪريو. آئون ڪاوڙ ۾ صفا ٽماٽي وانگر ڳاڙهو ٿي پيس پر ڊاڪٽر پٽيوالي کي گُهرائي اسان کي ڌِڪا ڏئي اُتان اسان کي ڪڍرائي ڇڏيو.

اسان اُتان وري هڪ خانگي اسپتال ۾ هڏن جي هڪ ڊاڪٽر کي ڏيکاريو، تنهن ايڊوانس ۾ 1500 رُپيا فِي ورتي ۽ بنا تپاسڻ جي ويهارو کن ٽيسٽون لِکي ڏنائين. اسان خانگي ليبارٽريءَ وارن کي ٽيسٽن جي پرچي ڏني ته اُنهن ٽيسٽن جا 22 هزار رُپيا ٻُڌايا. مون کيس چيو ته، مون وٽ ايترا پئسا هُجن ها ته، موٽر سائيڪل وٺان ها، چنگچي ۾ ڌِڪا ڪونه کايان ها. نيٺ اسين مايوس ٿي ڳوٺ موٽي آياسين. اُتي ماسي ڀِراوان ڏس ڏنو ته، شهر مان پنساريءَ کان مهمائي گهرائي کاءُ ۽ ايريال جا پَنَ سيڪي ڇاتيءَ تي ٽاڪور ڪر. ماسيءَ ڀِراوان جي نسخي سان مونکي ٻارنهن آنا آرام اچي ويو. مهيني کان پوءِ وري حيدرآباد جي سرڪاري اسپتال جي هڏن واري وارڊ ۾ ويس ته اُتي وڏو ڊاڪٽر ويٺو هو. چيومانس ته سائين آئون به شاعر آهيان. هن بنا بحر وزن واري ٿرڊ ڪلاس شاعري ٻُڌائي بور ڪيو. مُون کيس پنهنجو هِي غزل ٻُڌايو:

واٽَ اسان جي صُوفين واري، ريت اوهان جي ڪُوفين واري،

تُون روڊ تي ٿو برسٽ هلائين، مُون انڌڙي رستي تان اُڪاري،

تُون ماڻهو ماري لاش ٿو لوڙهين، مُون ماڪوڙي آ هَٿَ تي تاري.

منهنجو غزل ڊاڪٽر کي اهڙو وڻيو، جو اُٿي بيهي ڀاڪر پاتائين ۽ منهنجون پاسراٽيون تپاسي چيائين ته، “بلڪل صحيح آهن، تون وڃي آرام ڪر، ٽي وي ڏس ۽ اخبارون پڙهه.”

واپس پئي آيس ته نسيم نگر پُل وٽ مونکي ‘گهريلو وزير’ ملي ويو، اخبار پئي ورتائين. پر نه گاڏي ۽ نه گارڊ، سادا ڪپڙا ۽ پيرن ۾ چپل، مُون اُن جي سادگيءَ کان متاثر ٿي سندس پيرن تي هٿ رکيا ۽ نوڪريءَ لاءِ درخواست ڏني. هن حيران ٿي چيو ته، آئون توکي ڪٿان نوڪريون وٺي ڏيندس؟ چيومانس، “سائين، توهان ‘گهريلو وزير’ آهيو نه! ٽهڪ ڏئي چيائين ته ڀُليو آهين، آئون هڪڙي ڍنڍ واري نالي واري رسالي جو ايڊيٽر آهيان. مون تنهنجون ڪهاڻيون ۽ انٽرويو به ڇاپيا هئا.” اهو ٻُڌي مونکي ڏاڍي شرمساري ٿي. خير کانئس موڪلائي ڳوٺ ويس. ڳوٺ آيس ۽ شاعر ڊاڪٽر جي هدايت موجب، ٽي ويءَ ۾ خبرون ڏسڻ ۽ اخبارن ۾ خبرون پڙهڻ لڳس. خبرون پڙهي منهنجو هانءُ ڏري پيو. اسان جي مرڪزي سرڪار آئيني ترميمون ڪيون پئي ۽ انصاف جي ادارن ۾ مداخلت پئي ڪئي. اسان جي سنڌو درياءَ مان 6 ڪينال ڪڍيا ٿي ويا. سنڌ ۾ شهيد جان محمد مهر، نصرالله گڏاڻي، نظيران برهماڻي ۽ ڊاڪتر شاهنواز ڪُنڀر جا اصل قاتل گرفتار ڪونه ٿي سگهيا هئا. اُمه رباب جي مائٽن جي قاتلن ۽ معصوم فاطمه ڦرڙو جي قاتلن کي سزا ڪانه پئي ڏني وئي. بُکَ، بيمارين، بيروزگاريءَ ۽ وياج خورن جي عذاب کان ماڻهن خودڪشيون پئي ڪيون. ماڻهو اغوا پئي ٿيا. قبيلائي تڪرارن ۾ ماڻهو قتل پئي ٿيا ۽ اسان وارو وڏو صاحب ڊبل ڊيڪر بسن، ريڊ لائين، ييلو لائين بسن جا افتتاح پيو ڪري ۽ ٿر ۾ کجيون پوکڻ جا اعلان پيو ڪري. آئون انهن ڏُکڻ لُڙهيو پيو هئس ته طوطن شئي لاءِ اچي تپايو. طوطن کي شئي وٺي ڏنم، اُها اخبار جي پني ۾ ويڙهيل هئي ۽ اُن اخبار ۾ دردناڪ خبر ڇپيل هئي ته، سنڌ ۾ روزانو 7 لک ٻارَ رات جي مانيءَ کان محروم ٿي سُمهن ٿا. آئون ڏُکَ ۾ وٺجي ويس. سوچيم ته وڏي اسر جو اهي ٻار ننڊ مان اُٿي ماءُ کي چوندا هوندا ته، “امان! او امان! بُٿ لدي آهي (بُکَ لڳي آهي)”. ان وقت ماءُ ويچاري به ڏُکَ ۾  /ڏسو صفحو 7 بقايا 02

وٺجيو وڃي، جو گهر ۾ اٽي جي لَپَ به ڪانه هوندي آهي. هن دُنيا ۾ بُکايل ٻارن جو چيل هِي جملو وڌيڪ دردناڪ آهي. اهو سوچيندي مونکي سرمد سنڌيءَ جو ڳايل اثر سنڌيءَ جو هِي ڪلام ياد اچي ويو:

ڪپڙا ڦاٽل تَنَ تي پاتل، لِيڙون لِيڙون پوتي ڙي،

ڏُکيا مُنهنجا ڏوٿي ڙي، ڏُکيا مُنهنجا ڏوٿي ڙي،

پُٽ چوي ٿو پنهنجي پِيءُ کي، بابا مان اسڪول وڃان ٿو،

پِيءُ چوي ٿو ترسو پُٽڙا، آئون وڏيري کان ته پُڇان ٿو،

اُت وڏيرو وات ڦاڙي ٿو، ڇورا ٿيندي کوٽي ڙي،

ڏُکيا مُنهنجا ڏوٿي ڙي……