ٽهڪن ۾ ٽانڊا … ذِڪر سنڌڙيءَ جي سوُرَن جو!

0
22
ٽهڪن ۾ ٽانڊا ... ذِڪر سنڌڙيءَ جي سوُرَن جو!

 مهانگائي ۽ بيروزگاريءَ مون مسڪين جا ائين لاهه ڪڍي ڇڏيا، جيئن شهباز شريف ۽ زرداري صاحب ويچاري عمران خان جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن. روز صبح جو وڃي شهر جي فوٽ پاٿ تي مزدوري لاءِ ويهان پر تاريخ لڳي ئي ڪانه! شام جو هٿين خالي ڀڳل ٽوڪري جهڙو مُنهن کڻي گهر اچان، ته طوطن ماءُ ڪاوڙ ۾ تپي صفا ٻٻر جي ڦوڙاٽيءَ جهڙو منهن ٺاهي مون تي ائين چڙهيو وڃي جهڙو ڪنهن ننڍڙي رڪشا تي هيوي ٽرالر گاڏي چڙهي ويئي هجي. پِٽن پاراتن ۽ طعنن جا اهڙا پئي ڏنگ هڻي جهڙي پنجاب واري وڏي ماکي جي مک هجي. پوءِ ڪٿان اڌارو اٽو وٺي مرچ ڪٽي ماني کڻي آئي پر منهنجو اندر اڳئي پِٽن پاراتن ۽ طعنن سان تار لڳو پيو هو. مون ڀولڙي جهڙو منهن ٺاهي ماني کان انڪار ڪيو، ۽ رَليءَ اوڍي سمهي پيس. بک جي ڪري پيٽ ۾ اهڙا گُڙگاٽ پيا ٿين جهڙو اندر ڪو فنڪار چٽپٽيءَ پيو وڄائي. آئون سوچ جي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويس، سوچيم ته اهڙي ذلالت واري زندگي کان بهتر آهي ته آئون خودڪشي ڪري ڇڏيان.

                 آپريشن نمبر 1 شروع ڪيم، مرحوم ڏاڏا ڏِنل خان جي ڏنل کٽ مان واڏڻ ڪڍي. وڃي نِم ۾ ٻڌم هيٺ ڀَري پراڙ جي به رکيم ته جيئن منهنجي مرحوم لاش کي ڪا تڪليف نه ٿئي، جي ڪا ٽنگ ٻانهن ڀڄي پيئي ته لاش کي تڙ ڏيڻ واري همراهه کي تڪليف ٿيندي ۽ اهو همراهه شڪل خراب ڪري دل ۾ مونکي 360 ڳالهيون ڏيندو. پوءِ مٿي ٽار تي ڳچيءَ ۾ ڦاهو وجهي کڻي“آ” ڪيم، پر افسوس جو سئو سال پراڻي واڏڻ جو رسو ٽُٽي پيو ۽ آئون صحيح سلامت هيٺ ائين وڃي لٿس، جهڙو جهاز مان پيراشوٽ ذريعي ڪو جوان اچي گرائونڊ تي لٿو هجي.

پهريون آپريشن ناڪام ٿيڻ کانپوءِ ٻئي آپريشن لاءِ سِنکيي جو زهر وٺڻ لاءِ آئون شهر جي هڪ پنساريءَ وٽ وڃي پهتس. کيس ليکو ڏنم ته آئون ٺرِيءَ جو مشهور نولکو حڪيم نورل نِداماڻي آهيان. مونکي مردانه طاقت جي ڪُشتي ٺاهڻ لاءِ تيرهن تولا سنکيو کپي. منهنجا ڪُشتا اهڙا زبردست آهن، جو مونکي انهي لاءِ عرب ۽ انگريز به آرڊر ڏيندا اهن. هن مونکي سنکيو توري ڏنو ۽ پئسا ڪونه ورتائين. هٿ ٻڌي چيائين “سائين حڪيم صاحب! انهي ڪُشتي مان ڪجهه ڪک مونکي به ڏيئي وڃجو”. “چيومانس معنى ته ڍڳو پير پيران”. اهيو ٻڌي هن جون واڇون کلي ويون ۽ اتان ائين گِگون وهڻ لڳيون، جهڙو ڪِٽليءَ مان چانهه پيئي نڪري. کانئس سنکيو وٺي گهر کڻي آيس، رات جو سنکيو ڪُٽي ڀت تي ائين هاريم جهڙو اڇي کنڊ پيو هاريان. اهو سڀ ڀت کائي مون الله سائين کان ڏوهه گناهه بخشرايا سمهي رهيس. سوچيم صبح جو طوطن ماءُ چانهه کڻي مونکي اٿاريندي ته مونکي مئل ڏسي پار ڪڍي روئندي چوندي ائي منهنجو سهڻو گهوٽ مري ويو! الاڙي منهنجو راڻل مونکان رسي ويو! الا طوطن ويچارو يتيم ٿي ويو! خير صبح جو طوطن ماءُ چانهه کڻي اچي مونکي اٿاريو ته مون سمجهيو آئون مري ويو آهيان. ڪنهن حُور اچي مونکي اٿاريو آهي. رلي هٽائي جو ڏسان ته اها ئي بيسُري طوطن ماءُ منهنجي اڳيان بيٺي هجي، ڏٺم ته آئون جيئرو هئس اصل ۾ پنساري مونکي نقلي سنکيو ڏنو هو. اُٿيس انهي نقلي سنکيي جي ڪري، آئون ڳاڙهو ٽماٽو ٿي ويو هئس ۽ بدن ۾ ٻيڻي طاقت به اچي ويئي. خير خودڪشي جو ٻيو آپريشن به ناڪام ٿي ويو. پوءِ مون خودڪشي جي ٽئين آپريشن جو پروگرام ٺاهيو. اُهو اهو هو ته پيٽ ۾ ڇُري زور سان هڻان ته پڪ سان مران ئي مران. ٻئي ڏينهن مون بورچيخاني مان پاڏي ڪُهڻ واري وڏي ڇُري کنئي. انکي روهي تي گسائي صفا تيز ڌار بنايو ۽ گهر جي پٺيان وڃي قميص مٿي ڪري ڇُري پيٽ ۾ هنئي. اڃا بال پين جي نِب جيتري ڇُري جي چنهنب مس پيٽ ۾ لڳي ته سور جا وارا ۽ رت جا گهارا شروع ٿي ويا. مون ڇُري اڇلائي ۽ ڀڳيس عطائي ڊاڪٽر سِلو سِروٽي وٽ، تنهن پيٽ تي کٽ جي نراڙ سان ڇڪي اهڙي پٽي ٻڌي جهڙو ڪنهن ميلي تي ملهه پهلوان کي سندرو ٻڌل هجي. خودڪشي جو ٽيون آپريشن به ناڪام ٿي ويو.

مون چوٿين آپريشن جو پروگرام ٺاهيو، جنهن ۾ پڪ سان مران ئي مران. اهو پروگرام هو ته پستول لوڻي تي رکي پاڻ تي فائر ڪريان ۽ پنجن منٽن ۾ ڪُٺل ڇيلي وانگر ڇڙيون هڻي هڻي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وڃان. نيٺ گُڊو خان ٿوري دير کانپوءِ گهران پستول کڻي آڻي ڏنو. اهو مون شلوار جي کيسي ۾ لڪائي رکيو. رات جو طوطن ۽ طوطن ماءُ سمهي رهيا ته مون پستول کنيو، گهر جي پٺيان وڃي. اولهندي طرف منهن ڪري پستول لوڻي تي رکي گهوڙو دٻايم ته ٺڪاءَ ٿيو. مون سمجهيو ته ڄاڻ ته پٽ تي ڪري ڇڙيون ٿو هڻان. پر قدرت خدا جي، مونکي ڪجهه به ڪونه ٿيو، انڪري جو پستول ۾ گولي ته هئي ڪانه. سوچيم گُڊو خان گوراڻي واهه جي مونسان ملهه ڪئي آهي. خير منهنجي خودڪشين جا چارئي آپريشن ناڪام ٿي ويا.

مون فيصلو ڪيو ته اسلام ۾ خودڪشيءَ حرام آهي. خودڪشي بيڪار، بزدل ۽ ڀاڙي ماڻهو ڪندا آهن. طوطن پيءُ، تون مڙس ماڻهو ٿي جِيءَ ڏيکار! هن ظالم، جابر ۽ قابض دنيا جي ناڪاري ڪردارن خلاف آواز اُٿار ۽ عملي جدوجهد ڪر! ان لاءِ مونکي عملي کان اڳ علمي علم جي ضرورت هئي. سوچيم پهرين آئون فلاسافر ٿيان. ان لاءِ مون سقراط، بقراط، افلاطون، مائوزي تنگ، ڪارل مارڪس، لينن، شاهه عبداللطيف، سائين جي ايم سيد، محترم پليجو صاحب ۽ ٻين ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن جا ڪتاب پڙهيا ۽ پوءِ مون پنهنجي سماج جي ائين تحقيق شروع ڪري ڏني جهڙي ڦلڪور مشڪاري اڇڙي ٿر تي تحقيق ڪئي هئي. سوچيم ڇو نه فلسفي تي عاليشان ٿيسيز لکي پي ايڇ ڊي جي ڊگري وٺان. ٽنڊي محمد خان جي منهنجي دوست به خليفي قاسم تي ٿيسز لکي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ورتي آهي. اچيس سُئي هڻڻ به ڪانه پر پاڻکي ڊاڪٽر پيو سڏائي. مون سنڌ يونيورسٽي وڃي، پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي درخواست ڏني پر ميٽرڪ ۽ انٽر جا سرٽيفڪيٽ ڪونه هئا، انڪري درخواست رد ٿي ويئي پر گهڻي سوچ ۽ منهنجي وطن سان ٿيندڙ ويڌن تي آئون چريو ٿيڻ لڳس. دل ۾ درد جون باهيون ٻرڻ لڳيون. سوچيم ڇو نه پنهنجي اخبار ۾ ڪالم لکي دردن جو اظهار ڪري اندر جي باهه اُجهايان. پوءِ مون لکڻ شروع ڪيو.

لکيم ته هزارن سالن کان منهنجو وطن آزاد رهيو آهي پر هاڻي سنڌ پنجاب جي ڪالوني بڻجي ويو آهي. اسانجي سنڌو درياءَ مان غيرقانوني ڇهه ڪئنال پيا نڪرن، جنهن سان سنڌ ويران ۽ بنجر بنجي ويندي. ان خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي پر حڪمرانن جي ڪنن تي جون به ڪانه ٿي سُري، وري سنڌ جي دل ۾ ٻيو خنجر هنيائون سنڌ جي گورک هِل سميت لکين ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمننگ جي نالي ۾ ڌارين کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيائون، جنهن ۾ اسانجا هزارين قديمي ڳوٺ ڊاٺا ويندا ۽ لکين سنڌي دربدر ٿي ويندا. وري پيڪا آرڊيننس لاڳو ڪيائون. جنهن موجب ڪوبه اديب، شاعر، ڪالم نگار ۽ صحافي ڪنهن به سرڪاري اداري خلاف ڪجهه به نٿو لکي سگهي. ڀلي سچ پچ ان اداري ۾ ڪرپشن، اقربا پروري، لاقانونيت ۽ ظلم ڀلي ڇو نه هجي، ان لاءِ سچ لکبو ته توهانجي ڳچيءَ تي تلوار رکي ڪٺو ويندو. مرڪز طرفان صوبن کي جيڪا ترقياتي بجيٽ ملي سابه ست  ڪروڙ آبادي واري سنڌ صوبي کي سڀ کان گهٽ فقط چار سيڪڙو ملي. اڃا اهي ڦٽ تازا ئي هئا ته زرعي ٽيڪس جو نئون خنجر هنيائون. سنڌ هزارن سالن کان زرعي ٽيڪس ڪونهي ڏنو، حڪمران چون ٿا ته آءِ ايم ايف جي شرطن کي مڃيندي اسان آبادگارن تي اهو ٽيڪس مڙهيو آهي. آبادگار اڳ ئي وياج خور سيٺين جا قرضي آهن. ٻج ڀاڻ، زرعي دوائن ۽ ٽريڪٽرن  جي کيڙيءَ ٿريشر جا اگهه آسمان تي چڙهيل آهن. آبادگار اڌ ونڊي هارين کي ڏين، ڍل، آبيانو ۽ عُشر ڏين، ڪمدارن ۽ مُنشين جا پگهار ڀرين، وهر ۽ لابارن جا خرچ ڀرين. تپيدارن ۽ مختيارڪارن جون فرمائشون پوريون ڪن. پاڻيءَ جي کوٽ ڪري بور وارن موٽرن جا خرچ ڀرين. مٿان ڪروڙين روپيا ٽيڪس ڪٿان ڀريندا؟ هڪ پريس ڪانفرس ۾ وفاقي آبپاشي جي وزير صاحب اعلان ڪيو ته ايندڙ پنجن سالن ۾ شديد برساتون ۽ طوفان ايندا. انهي آفت کان سنڌ کي بچائڻ اسين سنڌو تي ڇهه ڪئنال پيا ٺاهيون. اهو ٻڌي منهنجي مٿي تي هٿ اچي ويا، چيم هلڙي! وفاقي آبپاشي وزير، جهڙو مينهن وسائڻ وارو ملائڪ هجي! وري آئون انهي ويچار ۾ ويچارو ٿي پيس ته اسانجي سماج ۾ اهڙو ابتو سسٽم آهي. جو جيڪو هاري ان پوکي، ڀاڄيون ۽ ميوا تيار ڪري سو انهن شين کان محروم ٿي بک پيو مري جيڪو ڌراڙ مال چاري تيار ڪري هزارين حلال جانورن جي پرورش ڪري سو گوشت جي ٻوٽي کان به محروم آهي، جيڪي مزدور سوين روڊ ٺاهين انهن وٽ ڪار ۽ موٽرسائيڪل ته ٺهيو سائيڪل به ڪانهي، جيڪا انهن عاليشان روڊ تي هلائي جيڪي مزدور مِلون هلائين انهن جو مال اميرن ڏانهن وڃي، جيڪي مزدور عاليشان بنگلا ۽ ڏهه ماڙ پلازا ٺاهين سي ويچارا جهوپڙين ۾ رهن. اتي نه بجلي نه پاڻي نه گئس آهي. اهي ڳالهيون ڳڻي آئون اشڪبار ٿي روئي پيس، مونکي اثر سنڌيءَ جو هِي بيت ياد اچي ويو:

ڪپڙا ڦاٽل تَنَ تي پاتل لِيڙون لِيڙون پوتيءَ ڙي،

ڏُکيا منهنجا ڏوٿي ڙي! ڏُکيا منهنجا ڏوٿي ڙي!