اسلام آباد(ڪامرس نيوز) ايف بي آر هلندڙ مالي سال 23-2022ع جي ٻي ٽماهي آڪٽوبر کان ڊسمبر لاءِ ٽيڪس اوڳاڙين جو هدف 20 کرب 36 ارب 8 ڪروڙ 70 لک رپيا رکيو آهي. جيڪو گذريل سال جي ساڳئي عرصي جي هدف کان 33.7 سيڪڙو يان 5 کرب 12 ارب رپيا وڌيڪ آهي. پهرين ٽماهي جو هدف 17 کرب 44 ارب 68 ڪروڙ 70 لک رپيا هو جنهن ۾ انڪم ٽيڪس جي مد ۾ 9 کرب 10 ارب 61 ڪروڙ 10 لک، ان ڊائريڪٽ ٽيڪسن ۾ سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 7 کرب 28 ارب 47 ڪروڙ 70 لک رپيا، فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي جي مد ۾ هڪ کرب 5 ارب 60 ڪروڙ، ڪسٽمز ڊيوٽي جي مد ۾ 2 کرب 91 ارب 40 ڪروڙ رپيا هدف رکيو ويو آهي. هلندڙ مهيني آڪٽوبر لاءِ 5 کرب 34 ارب 8 ڪروڙ رپين جو هدف آهي جنهن ۾ ان لينڊ روينيو جو هدف 4 کرب 33 ارب، 58 ڪروڙ رپيا آهن جنهن ۾ انڪم ٽيڪس مان هڪ کرب 79 ارب 58 ڪروڙ 30 لک، اڻ سڌن ٽيڪسن مان سيلز ٽيڪس ۾ 2 کرب 34 ارب 19 ڪروڙ 80 لک، ايف اي ڊي ۾ 29 ارب 80 ڪروڙ ۽ ڪسٽم ڊيوٽي ۾ 90 ارب 50 ڪروڙن جو هدف رکيو ويو آهي.