ڪراچي (م ڊ) ٽن سالن ۾ 5 امير ماڻهن جي دولت ٻيڻي ۽ 5ارب ماڻهو وڌيڪ غريب ٿي ويا. غربت جي خاتمي لاءِ ڪم ڪندڙ برطانوي اداري آڪسفيم جي جاري ڪيل سالياني رپورٽ موجب دنيا جي پنجن اميرن جي گڏيل آمدني گذريل 3 سالن جي هر ڪلاڪ ۾ هڪ ڪروڙ چاليهه لک ڊالرز وڌي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته دنيا جو عوام جنگين ۽ وبائن سبب مهانگائيءَ جي زلزلن جي وڪڙ ۾ آهن، جڏهن ته ارب پتين جو ناڻو وڌندو پيو وڃي. دنيا جون حڪومتون ارب پتين جي ساليانو هڪ کرب اٺ ارب ڊالرز ويلٿ ٽيڪس لڳائي ۽ چيف ايگزيڪٽو آفيسرن جي آمدني تي نظر رکي.آڪسفيم پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب دنياجي 5 اميرن ۾ فرينچ ڪمپني لوئي ويتون جو چيف ايگزيڪٽو آفيسر برنارڊ آرنالٽ، ايمازون جو سربراهه جيف بيزوس، سيڙپڪار وارن بفي، اوريڪل جي ليري ايليسن ۽ ٽيسلا جو ايلون مسڪ شامل آهن. سندن گڏيل آمدني 405 ارب ڊالرز کان وڌي 869 ارب ڊالرز ٿي وئي آهي. آڪسفيم جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته دولت جي غير منصفاڻي ورڇ جاري رهي ته دنيا پهريون کرب پتي 2034 تائين ڏسي وٺندي جڏهن ته غربت ايندڙ 229 سال ختم نه ٿيندي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته دنيا جو ارب پتي ڪلاس يقيني بڻائيندو آهي ته انهن جي ڪارپوريشن ٻين جي محنت جي ڪري خزانو ڳيهنديون رهن.