ٽنڊوڄام(ن پ ا) ٽنڊوڄام ۾ سرعام هلندڙ ڪچي شراب جو وڪرو بند نه ٿئي سگهيو آهي، ڪچي شراب واپرائڻ سبب ڳوٺ قاسم پنھنور جو رهواسي 20 سالن جو نوجوان نظير پنهور ڪچي شراب پيئڻ سبب فوت ٿي ويو، جڏھن ته فوتي نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، سندس امڙ کي به بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا، هوڏانهن فوتي جي والد رستم پنهور ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته منهنجو پٽ پٽ رات چار ٿيلهيون ڪچي شراب جو وٺي پيئڻ بعد گهر آيو، جتي سندس پيٽ ۾ سور بعد حالت تمام خراب ٿئي وئي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته هو رستي ۾ فوت ٿي ويو، هنن ٻڌايو ته پاڙي ۾ هلندڙ منشيات جي اطلاع پوليس کي ڏيڻ بعد پوليس ڪا به ڪاروائي نه ڪئي، هنن الزام هڻندي چيو آهي ته پوليس هنن خلاف ڪا به ڪاروائي نه پئي ڪري پوليس هنن کان منٿلي وٺندي آهي، هنن مطالبو ڪندي چيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي سندس نوجوان سان انصاف ڪيو وڃي،ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. هوڏانهن واقعي جي خبر ٽائيم نيوز تي بريڪ ٿيڻ بعد پوليس پاران مختلف جاين تي ڇاپا هنيا ويا پر ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي.