ٽنڊوڄام(ن پ ا) پڇڙي جي آبادگارن ۽ کيسانه موري جي رهواسين پاران پاڻي جي کوٽ خلاف ايريگيشن کاتي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اسلم نواز مري، رضوان مري، قيهر جمالي، حنيف ۽ ٻين اڳواڻي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا آڏو ڌاهيندي چيو ته ايريگيشن کاتي پوئين مهيني پاڻي جي شارٽيج هجڻ بعد مرمتي ڪم نه ڪرايو، هن وقت فصل کي پاڻي جي سخت ضرورت آهي ته هنن کي هاڻي ڪم ياد آيو آهي، هنن چيو ته تيار ٿيل فصل کي پاڻي جي سخت ضرورت آهي، ايريگيشن کاتو پئسن سبب هٿرادو مرمتي ڪم ڄاڻايو آهي، هوڏانهن ٽنڊوڄام پوليس ۽ ايريگيشن جي ذميوارن احتجاج ڪندڙ سان ڳالهيون ڪيون، احتجاج ڪندڙ روڊ کولڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو، ٻئي پاسي مڇريل مظاهرين پاران کيسانه موري واهه جا گيٽ پنهنجي مدد پاڻ تحت کولي پاڻي پنهنجي زمينون ڏانهن ورايو ويو.