ٽنڊوڄام(ن پ ا)  پاڪستان ورڪرز فيڊريشن پاران مخلتف سرڪاري ادارن جي ملازمن پاران غير قانوني ٽيڪس ڪٽوتي، فوتي ڪوٽا بحال ڪرڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ ريلي، سنڌ ايگريڪلچر ريسرچ جي ملازمن جو ڊي جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج جي اڳوڻي علي روشن چنا، حيدر علي لغاري، منور حسين ۽ ٻين ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت جا انتظامي معاملا سنڀاليندڙ ملازمن کي عالمي ادارن جي هدايتن تي قربان ڪيو پيو وڃي، پينشن ۾ گهٽتائي، الائونس ۾ ڪٽوتي ۽ ڊيٿ ڪوٽا ختم ڪرڻ ملڪ جي آئين ۽ مزدور قانون جي خلاف آهن، هنن چيو ته فيصلو واپس ورتو وڃي ۽ ملازمن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي، هنن چيو ته ڪم ڪندڙ سڀني ملازمن کي يوٽيلٽي الائونس، هائوس رينٽ نئين اسڪيل مطابق، اسسٽنٽ، سينيئر ڪلرڪ، جونيئر ڪلرڪ، ليبارٽري اسسٽنٽ، فيلڊ اسسٽنٽ گريڊ هڪ کان گريڊ 4 تائين جا ڪواليفائيڊ ملازم ۽ ٽائيم اسڪيل لاءِ سڀني ملازمن جون فائينل سينارٽي لسٽون جاري ڪري ۽ انهن جي جلد کان جلد ڊي پي سي ڪرائي وڃي، هنن ڏيو ته اداري ۾ ڪم ڪندڙ اسٽينوگرافر ۽ ڊرائيورن جو ٽائيم اسڪيل منظور ڪرايو وڃي، هنن مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور تي معاملي جو نوٽيس وٺي مطالبا تسليم ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.