ٽنڊوڄام(ن پ ا)  ٽنڊوڄام ويجهو مير پاڙي م 19 سالن جي نوجوان اورنگزيب ولد گل حسن مغل پرسرار نموني فوت ٿي ويو آھي، جڏھن ته رھواسين پاران پوليس کي اطلاع ڏنو. پوليس موقعي تي پهچي سندس گهر ۾ ٻڌل لاش کي سول اسپتال آندو ويو، جڏھن ته پوليس پاران نوجوان جي  ڀاءٔ علي شير کي گرفتار پڻ ڪيو آھي، جڏھن ته نوجوان جي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته اسان جي ڀاءٔ کي جنات جو وڏو اثر ھو، جنهن سبب اسان گھر اندر رسينن سان ٻڌي ڇڏيو ھو! ۽ گھر وارا ڪنھن فقير کي وٺڻ لاءِ ويا هئا، ان بعد پاڙي وارن جانچ ڪئي ته  اسان جو ڀاءُ گھر ۾  ستل نظر آيو ۽ انهن پوليس کي اطلاع ڏنو هيو، ڀاءُ کي جنات جو وڏو اثر هيو، هوڏانهن ڊاڪٽرن ابتدائي طور ٻڌايو آهي ته نوجوان جو موت ٽارچر سبب ٿيو آھي، جڏھن ته پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان گهر ۾ بند ڪمري اندر مئل حالت ۾ مليو آهي، نوجوان جو جسم رسين ذريعي ٻڌل هيو، ٿئي سگهي ٿو نوجوان جو موت ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٿيو هجي، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا،  پوسٽ مارٽم بعد موت ڪشش اصل حقيقت سامهون ايندي،  هوڏانهن پوليس رات دير سان نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿئي سگهيو.