ٽنڊوڄام(ن پ ا) ٽنڊوڄام ويجهو راهوڪي ٿاڻي جي حد ناريجاڻي چيڪ پوسٽ ڀرسان پوليس جو ڪاروائي دوران مقابلو ٿئي پيو، مقابلي ۾ ڏوهارين ۽ پوليس وچ ۾ انڌا ڌنڌ فائرنگ ٿئي، جڏھن ته پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ٻه ڏوهاري مبينا طور پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا، مارجي ويل ڏوهارين جي سڃاڻپ نادر عرف نادو راجپوت ۽ عرفان ناريجو مارجي ويا، جڏھن ته ڏوهارين جي فائرنگ ۾ مقابلي دوران هڪ پوليس اهلڪار فاروق به سخت زخمي ٿئي ويو، پوليس پاران زخمي سپاهي ۽ مارجي ويل ڏوهارين ۽ زخمي اهلڪار کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جڏھن ته پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهيو، مقابلي سبب علائقي ۾ خوف پيدا ٿئي ويو، ايس ايس پي حيدرآباد جو چوڻ هيو ته ٽنڊوڄام ويجهو راهوڪي ٿاڻي جي حد ۾ مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس ڪاروائي ڪئي ته ڏوهارين ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿئي پيو، ايس ايس پي جو چوڻ هيو ته مارجي ويل جوابدار ڪيترن ئي ڪيسن ۾ پڻ گهربل جوابدار هئا، جڏھن ته حد جي پوليس موجب مارجي ويل جوابدارن ڪجهه ڏينهن اڳ ڦر دوران ڊبل روٽيون سپلاءِ ڪندڙ ڪمپني جي ملازمن کي مزاحمت تي گولي هڻي زخمي ڪيو هيو، پوليس موجب مارجي ويل ڏوهارين ڪيترن ئي سنگين ڪيسن ۾ پڻ روپوش جوابدارن هئا، پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهارين جو وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ جي جاچ ڪئي پئي وڃي، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿئي سگهيو.