ٽنڊوڄام(ن پ ا) ٽنڊوڄام شھر جي سخي وهاب ٽائون واري علائقي ۾ ميندي جي تقريب دوران هوائي فائرنگ ۾ مبينا گولي لڳڻ سبب پيپلزپارٽي ڪائونسلر اسرار پٺاڻ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، خبر موجب ٽنڊوجام شهر جي سخي وهاب ٽائون واري علائقي ۾ گذريل ٻه ڏينهن اڳ مبينا طور تي شهزاد قائم خاني جي گهر ۾ شادي جي سلسلي ۾ ٿيل هوائي فائرنگ ۾ پيپلزپارٽي ڪائونسلر 27 ورهين جو اسرار پٺاڻ زخمي ٿئي پيو هيو، جنھن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جيڪو ڪالهه زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته فوتي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو، ٻه ڏينهن اڳ مبينا طور گولي لڳڻ سبب زخمي ڪائونسلر واري واقعي کي پوليس دٻائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي، هوڏانهن معاملي جا وڌيڪ تفصيل وٺڻ لاءِ پوليس سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس جو باضابطه طور تي موقف نه اچي سگهيو آهي، هوڏانهن فوتي جي وارثن کان موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر ابتدائي طور تي وارثن پاران موقف نه ڏنو آهي، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي.