ٽنڊوڄام(ن پ ا) سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف پيسٽيسائيڊ ڪمپني جي تنظيم پاران ٽنڊوڄام ۾ گاڏين جي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مخلتف پيسٽيسائيڊ ڪمپني سان لاڳاپيل عملدارن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جڏھن ته ريلي ٽنڊوڄام جي کيسانه موري کان ٽنڊوڄام پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي،ريلي ۾ سوين گاڏين ۾ ڪمپني جي ملازمن شرڪت ڪئي، ڪئنال سمورا نامنظور جا نعرا، ان موقعي تي عبدلعليم کوکر، اسد ويسر، سراج ويسر، خان سوٽر سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سڄو سسٽم اسان جو پاڻي تي آهي اگر سنڌ ۾ پاڻي نه هوندو، ڪئنال ٺهندا ته سنڌ جي زراعت تباھ ٿيندي، هنن چيو ته سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪرڻ جي سازش آهي، اسان ڪئنال ٺهڻ جي مخالفت ڪيون ٿا، هنن چيو ته ڪئنال ٺهڻ سبب سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي ويندي، سنڌ جي زراعت کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي، هنن چيو ته اسان جو سڄو دارومدار ٻج، زرعي دوائن سان آهي، زرعي زمين بنجر ٿئي، پاڻي جي کوٽ پيدا ٿئي ته سمورا ڪاروبار بند ٿئي ويندو، سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌو درياهه مان ڪئنال واري سازش کي اسان رد ڪيون ٿا، هنن مطالبو ڪندي چيو ته ڪئنال واري فيصلي کي واپس ورتو وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.