ٽنڊوجام (ن پ ا) ٽنڊي ڄام ۾ حادثو: ڳوٺاڻو فوت ٿي ويو. ان ڏس ۾ کيسانه موري اسٽاپ وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ ڳوٺاڻو محمد بخش زرداري عرف بصر سخت زخمي ٿي پيو، زخمي محمد بخش عرف بصر زرداري سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. حادثي بعد ڳوٺاڻا مڇرجي حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو هڻي ڇڏيو، ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جڏهن ته ٽرانسپورٽن ۽ مظاهرين ۾ ڇڪتاڻ پڻ پيدا ٿئي وئي، ان موقعي تي ستار زرداري ، بابر زرداري ، بلاول زرداري ۽ ٻين اڳواڻي ڪئي، ميڊيا سان ڳالهائيندي مظاهرين چيو ته ڪيترائي ئي دفعا ٽول انتظاميا کي لکت ۾ شڪايت ڪئي آهي پر ڪير به نوٽيس نه پيو وٺي، سندس وڌيڪ چوڻ هيو ته آبادي واري علائقو ۽ خطرناڪ موڙ سبب ڪيترائي حادثا ٿين ٿا، سندس چوڻ هيو ته هن وقت تائين اسان جا ڪيترائي نوجوان فوت ۽ زخمي به ٿيا آهن، روزانو جي بنياد تي ٿيندڙ حادثن کي انتظاميا روڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام آهي، جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، سندس چوڻ هيو ته ٽول انتظاميا پنھجي ٽيڪس ادا ڪندڙ گيٽن تي رڪاوٽون هنيون آهن، جڏهن ته آبادي وارن علائقن ۾ ڪا به رڪاوٽ ناهي، هنن مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور تي حادثن کان بچڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، هوڏانهن پوليس ۽ مظاهرين ۾ ڳالهيون ڪامياب بعد مظاهرين روڊ تي لڳل ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو، هوڏانهن کيسانا موري وٽ حادثي بعد مگسي ۽ زرداري برادري جي ماڻھن وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو،  ان دوران فائرنگ به ڪئي وئي، جڏهن ته ڌرين ھڪ ٻئي مٿان لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو  لائي ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ عورت سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿئي پيا، جڏهن ته گولي لڳڻ سبب مسمات رخسانا زال عثمان زرداري زخمي ٿئي پئي، هوڏانهن لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب لعل ملوڪ زرداري ۽ بابر زرداري زخمي ٿي پيا، جڏهن ته سمورن زخمين کي علاج لاءِ مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو،  هوڏانهن جهيڙي سبب علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌي ويئي، کيسانا موري اسٽاپ تي دوڪان بند ٿئي ويا، ھڪ ڌر پاران الزام هڻندي چيو آهي ته جيهڙو روڊ انتظاميا خلاف احتجاج دوران هڪ سياسي اڳواڻ خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ سبب پيش آيو آهي..