ٽنڊي ڄام ويجھو يوسي چيئرمين جي زال پراسرار نموني فوت، گھر مان ڳلو ڪپيل لاش هٿ

0
19
ٽنڊي ڄام ويجھو يوسي چيئرمين جي زال پراسرار نموني فوت، گھر مان ڳلو ڪپيل لاش هٿ
ٽنڊي ڄام ويجھو يوسي چيئرمين جي زال پراسرار نموني فوت، گھر مان ڳلو ڪپيل لاش هٿ

ٽنڊوڄام (ن پ ا) ٽنڊوڄام ويجهو ٽنڊوقيصر ويجهو ڳوٺ گل محمد ڌماچ مان يوسي چيئرمين جي گهر مان سندس زال جو گلو ڪپيل لاش هٿ آيو آهي. جڏهن ته پوليس واقعي کي خودڪشي قرار چئي ڇڏيو آهي، ان ڏس ۾ ٽنڊوڄام ٿاڻي جي حد ٽنڊوقيصر جي ڳوٺ گل محمد ڌماچ مان يوسي چيئرمين حسن ڌماچ جي گهرواري نازيه جو سندس گهر مان گلو ڪپيل لاش هٿ آيو آهي، ٽنڊوڄام پوليس اطلاع ملڻ تي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو، جتي ضروري ڪاروائي تت بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، هوڏانهن ٽنڊوڄام پوليس واقعي کي خودڪشي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جڏھن ته پوليس ذريعن موجب عورت جو گلو ڪپيل ۽ ٻانهه جون نسون ڪٽيل آهين، هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهين ته عورت پاران گهريلو پريشانين سبب خودڪشي ڪئي آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿئي سگهيو آهي، جڏھن ته ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي، پوليس پاران خودڪشي قرار ڏيندي لاش وارثن حوالي ڪيو، هوڏانهن وارثن کان موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر موقف نه ملي سگهيو آهي