ٽنڊوڄام(رپورٽ: اظهر علي لوچي) ٽنڊوڄام ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، وارثن پاران لاش رکي حيدرآباد_ ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو، شاھپور ٿاڻي جي حد ۾ 20 سالن جي نوجوان ھرچن ڪولھي کي هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو،  واقعي کان پوءِ وارثن ۽ ڪولھي برادري جي سوين ماڻھن پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ کيسانا موري پل ويجھو نوجوان جو لاش روڊ تي رکي حيدرآباد_ ميرپورخاص روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو،  ان موقعي تي نوجوان جي وارثن پدو ڪولهي، چيتن ڪولهي، جنديش ڪولهي، سميت ٻين چيو ته نامعلوم جوابدارن ھرچن ڪولھي کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائڻ بعد گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي،  پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي،   ٽي ڪلاڪ ڌرڻي بعد  پوليس پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڪيس داخل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرائي  ڇڏيو،