ٽنڊوڄام(ن پ ا) ٽنڊوڄام ويجهو راهوڪي ٿاڻي جي حد ۾ مقابلي ۾ مارجي ويل ٻن ڏوهارين جي ايف آئي آر سرڪار داخل ڪئي وئي آهي.، اي ايس آءِ نواز سپيو جي فرياد تي راهوڪي ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ بريڊ سپلائي ڪندڙ ملازم کي مارجي ويل ٻن جوابدار نادر راجپوت ۽ عرفان ناريجو پاران بريڊ سپلائي ڪندڙ ملازم کي يرغمال بڻائي لکين رپيا ڦر ڪري مزاحمت تي ملازم کي زخمي ڪيو هيو، اهڙي معاملي جي راهوڪي ٿاڻي تي ڪيس به داخل ٿيل آهي، فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته ٻنهي جوابدارن جي ڳوٺ جهنڊو ناريجو وٽ موجودگي جا اطلاع مليا ته پوليس ڪيس ڪاروائي لاءِ پهتي ته ڏوهارين ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿيو، ڏوهارين جي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ سپاهي به زخمي ٿيو هيو، پوليس جي جوابي ڪاروائي ۾ ٻن ڏوهارين نادر راجپوت ۽ عرفان ناريجو کي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا، فريادي موجب ته سندس ساٿي عرفان ناريجو پڻ روپوش جوابدار آهي جيڪو ڪيترن ئي اهم سنگين ڪيسن ۾ ملوث آهي، سندس گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، فريادي پنهنجي ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته مارجي ويل جو جوابدار ڪيترن ئي ڪيسن ۾ پڻ گهربل جوابدار هئا، پوليس سندس خلاف جاچ ڪئي ته ڪيترائي ڪيس مٿن داخل هئا، فريادي ڄاڻايو آهي ته ڪاروائي لاءِ هڪ گهر خالي ۾ ٻنهي جوابدارن ۽ ساٿين جا اطلاع مليا هنن پوليس کي ڏسي هڪ اهڪار وقار کي سخت زخمي ڪيو ويو هيو، جنهن کي فورن سول اسپتال منتقل ڪيو ويو هيو ۽ مارجي ويل جوابدارن جا لاش سول اسپتال جي سرد خاني ۾ منتقل ڪيا ويا هئا، هوڏانهن مارجي ويل جوابدارن جي قبضي مان ٻه پسٽل ۽ گولي به هٿ ڪيون ويون آهين،