ٽنڊوڄام (ن پ ا) ٽنڊوڄام ويجهو پٻڻ ٿاڻي جي حد مھراڻي اسٽاپ لڳ ڪار وڻ سان ٽڪرائجي وئي، حادثي جي نتيجي ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو پرسنل اسسٽنٽ مير عبدالرشيد ٽالپر فوت ٿي ويو، حادثو ڪار جو ٽائر نڪرڻ سبب پيش آيو، اطلاع تي پوليس زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو ، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته واقعي تي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران ڏک جو اظهار به ڪيو، جڏهن ته عبد الرشيد ٽالپر جي فوت ٿيڻ سبب پيپلزپارٽي ضلعي حيدرآباد ٻهراڙي جي اڳواڻن پاران به ڏک جو اظهار ڪيو.