ٽنڊوڄام (ن پ ا) ٽنڊ ڄام جي يوسي 63 جي ڪائونسلر شريفان اوڏ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آهي ته گھٽي ۾ ھلندڙ پيور بلاڪ جو ڪم من پسند ماڻھن کي خوش ڪرڻ لاءِ اڌ گھٽي ۾ پيور بلاڪ لڳايو پيو وڃي، سولر لائيٽن سميت ھر ڪم ۾ نظرانداز ڪيو پيو وڃي،يوسي چيئرمين هٿ سان علائقي کي نظرانداز ڪري رهيو آهي، ووٽ به پيپلزپارٽي کي ڏنو آهي، هوڏانهن يوسي چيئرمين حيدر شاهه جو چوڻ آهي ته ڪجهھ گھر ھيٺ آھن جتي بلاڪ لڳائڻ سان گھرن جا دروزا ھيٺ ٿي ويندا، سندس وڌيڪ چوڻ هئو ته پيور بلاڪ جي ڪري رھواسي پريشاني جو شڪار آهن، ڪنھن جي بليڪ ميلنگ ۾نه اينداسين جتي جنھن ڪم جي ضرورت ھوندي اتي ڪم ڪرايو ويندو .