حيدرآباد(بيورو رپورٽ) ٽنڊو ڄام جي رهواسي ۽ رٽائرڊ فوجي گلزار احمد گذريل ڏينهن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪ آرمي چيف،آءِ جي سنڌ ،ڊي آءِ جي حيدرآباد کان گهر ڪئي آھي ته 19مارچ 2025ع کان اغوا ٿيل سندس پٽ کي بازياب ڪرايو وڃي. هن چيو ته رمضان شريف دوران 19مارچ کان نماز تي ويل سندس پٽ ۽ ٽنڊو ڄام يونيورسٽي جي فائل ايئر جو شاگرد محمد فرخ جو گم ٿي ويو، جنهن بعد سندس فون تي رابطو ڪرڻ تي جواب ڏنو ويو ته محمد فرخ اغوا ٿي چڪو آھي ۽ پوليس کي اطلاع ڪرڻ کانسواءِ 20لک رپيا ڀنگ ادا ڪيو، ٻي صورت ۾ لاش ملندو اهڙي مامري جو ٽنڊو ڄام پوليس کي اطلاع ڪئي پر 16ڏينهن دوران سي ڊي آر کانسواءِ پوليس ڪا به ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ڪري سگهي جڏهن ته ان کان ٽنڊوڄام مان واپاري ناصر نظاماڻي کي اغوا ڪيو ويو هو جنهن جو لاش مليو. هن چيو اسان دل ۾ ڪيترائي خدشا اڀري هيا آھن خدارا منهنجي پٽ کي صحيح سلامت بازياب ڪرايو وڃي.